ملڪي جي سياست ۽ عوام جا مفاد

جيتوڻيڪ ملڪ ۾هلندڙ سياست بابت عام تصور هي آهي ته هتي سڀ جائز آھي پرڳالهه ڪري وري ان تان هٿ کڻي وڃڻ واري سياسي موقف تي عوام جي ذھن ۾ ڪافي سوال پيدا ٿين ٿا.خيال آھي ته مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ھن ڀيري سڌي  مقابلي ۾ اچي رھيون آھن.اڳ مسلم ليگ ن جي ڪوشش ھوندي ھئي ته سنڌ ۾  ڪا سرگرمي نه جهڙي ڪجي ان جي بدلي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي پڻ پنجاب ۾ ڪنھن وڏي سنجيدگيءَ جو مظاھرو نه ڪيو هو۽ پڪين سيٽن پاڪستان پيپلزپارٽي پنجاب ۾ مسلم ليگ ن جي لاءِ ميدان خالي ڇڏيندي ھئي.

ڏيڍ سال جي اتحادي حڪومت ختم ٿيڻ بعد ڪنھن طرح سان جڏھن مسلم ليگ ن طاقتور ڌرين ڏانھن جھڪاءُ رکيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي کي ڳالهه نه وڻي.نه رڳو ايترو پر ان جي تي ناراضگي ظاهر ڪندي مسلم ليگ کي طعنا ڏئي رهي آهي.ان سموري معاملي ۾ اهو عجيب معاملو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي ان کان اڳ اسٽيبلشمينٽ سان ويجهڙائي جو تاثر ڏئي رهي هئي پر جڏهن اهڙي عمل مسلم ليگ ن پاران سامهون آيو آهي ته ان تي ارهي ٿي رهي آهي.اڃان ٿورو اڳ ئي سمجھيو پئي ويو ته پيلزپارٽي ھن ڀيري اقتدار جي پڪي اميدوار آھي. مبصرن جو خيال ھو ته پيپلزپارٽي سڌي ريت طاقتور ڌرين سان ڦٽائڻ نٿي چاھي.

مسلم لگ ن ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي وچ ۾ ھاڻوڪي ڇڪ ڇڪان  ميان نوازشريف جي پاڻ مرادو جلاوطني ختم ڪري وطن ورڻ بعد شروع ٿي. ان کان اڳ مسلم ليگ ن جي قائد ميان نوازشريف  چيو ھو ته ججن ۽ جنرلز جو احتساب ٿيڻ گھرجي،جنھن گهڻي وٺ وٺان بعد ميان نوازشريف  ان نعري تان  ھٿ کنيو ۽ ھن اعلان ڪيو ته ساڻس جيڪا به زيادتي ٿي آهي ان جو  معاملو ھو خدا تعاليٰ حوالي ڪري ٿو.

ميان نوازشريف جي وطن واپسي دوران ئي سمجھيوپئي ويو ته کيس رعايت ملي رھي آھي. اھو پڻ تاثر ڏنو ويو ته نوازشريف اھو لکي ڏيڻ لاءِ تيار آھي ته “ھوءَ  وزيراعظم ٿيندو”  ھڪ تجربيڪار اڳواڻ کي ڪنھن بھ ريت اھو نٿو سونھي  پر عوام توڙي اليڪٽيبلز کي اھو يقين ڏيارڻ لاءَ ميان نوازشريف شايد اهو ضروري  سمجهيو ھوندو. هن وقت سمورين سياسي حلقن کي اها پڪ ٿي وئي آهي ته مسلم ليگ ن جا ڀاڳ نيارا ٿي رهيا آهن ۽ حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ هنن جو ڪڻو نڪري رھيو آھي. جئين عوام ۽ خاص کي  خاطري ٿئي ۽ ان سان ماڻھن جي اڪثريت کي متاثر به ڪري سگھجي.شايد ان ڪري به اھو ضروري سمجھيو ويو ته ان سان پارٽي بابت  شڪ شبھن کي به ختم ڪجي ۽ اھو به محسوس ڪرائجي ته مسلم ليگ ن جهڙي جماعت جي ساک باقي آھي.

ميان نوازشريف جي آجيان واري جلسي ۾ ماڻھن جو خاصو انگ ظاهر ٿيڻ ۽ ان بعد هن جي جماعت پاران بلوچستان مان هڪ ئي ڌڪ سان سمورن اليڪٽيبلز يا وري اسٽيبلشمينٽ جي پڪي لاٽ کي پاڻ سان گڏ کڻي وٺڻ ۽ ان بعد سنڌ ۾ مسلم ليگ جي سرگرمين ۽ ڪجهه اليڪٽيبلز کي پاڻ سان ملائڻ واري جاري ڪامياب مهم بعد هاڻي عام توڙي خاص کي اها پڪ ٿي رهي آهي ته  اڳ جنهن ڳالهه بابت شڪ جو اظھار ٿي رھيو ھو.ن ليگ کي  محسوس ٿيو تھ ماڻھن جي حمايت موجود آھي ته ان جماعت جي روئي ۾ به تبديلي محسوس ٿي رهي آهي.

ٻئي پاسي وري پاڪستان پيپلزپارٽي پڻ  ليول پليئنگ فيلڊ تي سوال اٿاريا ۽ ان سان اهو تڪرار سامهون اڀري آيو.ڪن مبصرن جو خيال آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي  پنجاب جي ڏاکڻي علائقي ۽ سينٽرل پنجاب تي ڌيان ڏئي رھي آھي پر ان دوران پاڪستان پيپلزپارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف سان گڏجڻ چاھي ٿي.جنھن ۾ محتاط طريقي سان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

جيتوڻيڪ هن وقت به اهو تاثر آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف مقبول جماعت آھي،پنجاب ۾ مسلم ليگ ن پي ٽي آءِ کي اصل خطرو محسوس ڪري رھي ھئي.صورتحال جئين جو تئين آھي پر ان  9 مئي جي واقعن سان  پي ٽي آءِ پنھنجي پير تي پاڻ ڪھاڙو ھڻي ڇڏيو آھي.جنھن بعد  پي ٽي آءِ، عتاب ۾ آيل آھي، جماعت جي قيادت يا ڪارڪن آزاديءَ سان چرپر نه پيا ڪري سگھن.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي هلندڙ گرفتارين تي ڪجهه مبصرن جو خيال آھي ته چونڊون ويجھو اينديون وينديون ته اهو سلسلو وڌيڪ تيز ٿيندو.معتوب ٿيل پي ٽي آءِ، جي ڪري اھو سمجھيو پيو وڃي ته پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪنن ۾ خوف واري ڪيفيت ھئڻ ڪري اھي شايد چونڊن جي لاءِ اميدوار به بيھاري نه سگھن يا وري ان جماعت جا ڪارڪن آزاديءَ سان چرپر ڪري نھ سگھن.ان صورتحال کي پ پ پ غنيمت جو موقعو سمجھندي پاڪستان تحريڪ انصاف ڏانھن نرم رويو اختيار ڪيو آھي.خيال آھي ته پ پ پ تحريڪ انصاف جي ووٽرن جي ھمدردي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنجاب ۾ اھڙي ڪنھن امڪاني اتحاد تي غور ڪري رھي آھي.ھڪڙو خيال ھي آھي ته ان جي ڪا گھڻي گنجائش شايد نه ھجي پر ان ھوندي بھ پاڪستان پيپلزپارٽي ان مان فائدو حاصل ڪرڻ جي رٿ رٿي رھي آھي.

ٻئي پاسي مسلم ليگ ن سنڌ ۾ پ پ پ جي مخالف ڌرين کي پاڻ سان گڏ کڻي ڪري پ پ پ جي لاءِ ڏکيائون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ مسلم ليگ ن گھڻي ڪمزور آھي ۽ ڪڏھن بھ مسلم ليگ ن سنڌ تي ڌيان نه ڏنو آھي ان ھوندي بھ ھن ڀيري ن ليگ جي ڪوشش ھوندي تھ نوازشريف پاڻ، شھبازشريف يا وري مريم نوازشريف مان ڪنھن ھڪ کي ڪراچي جي سيٽ تان بيھاريو وڃي.جتي اھي ايم ڪيو ايم سان سيٽ ايڊجسٽ ڪئي وئي آهي. نوازشريف جي يو آءِ اڳواڻ مولانا فضل الرحمان سان معاملا بهتر ڪري ورتو آهي.سمجھيو ٿو وڃي ته مسلم ليگ ن سمورين جماعتن کي ڪنھن نھ ڪنھن ريت مصروف رکڻ چاھي ٿو ته جئين ٻيون ڌريون پاڻ ۾ويجھيون نه ٿي وڃن.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تازو انٽرويو ۾ چيو آهي ته پيپلزپارٽي سرپرائز ڏيندي نه رڳو اهو پر هن جو اهو به چوڻ هو ته ايندڙ حڪومت گڏيل هوندي.اصل ڳالهه هي آهي ته ان سان عوام کي ڪهڙو فائدو ٿيندو جنهن ڏانهن ڪو ڌيان ڏيڻ ئي نٿو چاهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.