راولپنڊي ( م ڊ ) آرمي چيف جنرل عاصم منير امام ڪعبه شيخ صالح بن عبدالله بن محمد حميد سان ملاقات ڪئي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب جي ايڇ ڪيو ۾ ٿيل ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ان موقعي تي چيو ته امام ڪعبه جو دورو پاڪستاني عوام لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. سڄي دنيا ۾ مسلمانن جي حرم شريف سان وڏي عقيدت آهي. آرمي چيف چيو ته سڄي دنيا جا مسلمان حرمين شريفين جي خدمت ڪندڙن جو احترام ڪن ٿا. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي امام ڪعبه چيو ته اسلام امن ۽ ڀائيچاري جو مذهب آهي. اسلام جي غلط تشريح جي ڪا به گنجائش نه آهي. آءِ ايس پي آر موجب امام ڪعبه غزا تڪرار ۾ فلسطينين تي جاري ظلم ۽ والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلمن جي مذمت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب امام ڪعبه فلسطيني ۽ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا مثالي تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪستانين جي دلين ۾ سعودي عرب لاءِ بيحد عزت آهي. آرمي چيف چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن ۾ مضبوط سٽريٽجڪ لاڳاپا اتحاد تي ٻڌل آهن. ان موقعي تي امام ڪعبه امت جي امن، استحڪام ۽ اتحاد لاءِ دعا گهري.