ڌاڙي ڪيس ۾ گرفتار ڊي ايس پي عمير باجاري رمانڊ تي جيل حوالي

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي اورنگي ۾ واپاري جي گهر مان ڌاڙي جي ڪيس ۾ گرفتار انڊر ٽرينننگ ڊي ايس پي عمير باجاري کي عدالتي رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو، جوڊيشل مئجسٽريٽ  اولهه جي عدالت ۾ اورنگي ۾ واپاري جي گهر مان ڌاڙي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. پوليس گرفتار انڊر ٽريننگ ڊي ايس پي عمير باجاري، محفوظ حسين ۽ عبدالستار سميت 4 جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته جوابدار عمير باجاري کان ٻن ڏينهن ۾ ڪهڙي جاچ ڪئي آھي؟ جنهن تي جاچ آفيسر ٻڌايو ته عمير بجاري جي مدد سان ٻن ٽن هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا آهن وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي،عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪندي چيو ته ڇا اوهان ايس ايس پي عمران قريشي کان جاچ ڪئي؟ جنهن تي جاچ آفيسر ٻڌايو ته هو ايس ايس پي عمران قريشي کان جاچ ڪرڻ لاءِ ويا، جاچ کانپوءِ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، جاچ آفيسر طرفان جوابدارن جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي درخواست تي عدالت جوابدار عمير باجاري کي عدالتي رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو ۽ محفوظ حسين سميت ٽن جوابدارن کي 26 نومبر تائين جسماني رمانڊ تي پوليس جي تحويل ۾ ڏئي ڇڏيو.

مسلم اُمت پاڻ ۾ اخوت، مساوات ۽ـ ڀائيچاري کي هٿي ڏئي: امام ڪعبه

اسلام آباد (م ڊ) امام ڪعبه ڊاڪٽر صالح بن عبدالله بن حميد مسلم اُمت تي زور ڀريو آهي ته اهي پاڻ ۾ اخوت، مساوات ـ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏئي. سمورا مسلمان پاڻ ۾ تقويٰ تي ڪاربند رهن ۽ الله جي رسيءَ کي مضبوطيءَ سان پڪڙي رکن.  اهڙو اظهار هن فيصل مسجد ۾ جمعي جي خطبي دوران پنهنجي واعظ ۾ ڪيو. امام ڪعبه جمعي نماز جي امامت ڪرائي. جمعي جي خطبي ۾ امام ڪعبه چيو ته مسلمان پاڻ ۾ اخوت، مساوات ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏين، آخرت جي بهتريءَ لاءِ پاڻ کي بهتر بڻائين ۽ سمورا مسلمان پاڻ ۾ تقويٰ تي سختيءَ سان عمل ڪن ته جيئن دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب ٿي سگهن. جمعي جي نماز کانپوءِ مظلوم فلسطينين ۽ مسلم اُمت جي خيرخواهيءَ لاءِ دُعائون گُهريون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.