غزا ( م ڊ )فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي فوجي ونگ القسام برگيڊ 7 آڪٽوبر تي يرغمال بڻايل 24 يرغمالين کي آزاد ڪري ڇڌيو. اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ طئي ٿيل معاهدي تحت فلسطين جي علائقي غزا ۾ 4 ڏينهن واري جنگ بندي باضابطا طور تي شروع ٿي وئي آهي. عارضي جنگبندي مقامي وقت موجب ڪالهه صبح 7 وڳي شروع ٿي آهي ۽ اڱاري جي صبح 7 وڳي تائين جاري رهندي. جنگبندي دوران اسرائيل-حماس معاهدي تحت قيدين جي مٽا سٽا ڪئي وئي. فلسطيني نشرياتي اداري چيو آهي ته القسام برگيڊ يرغمالن کي ريڊ ڪراس جي حوالي ڪيو، جنهن بعد ريڊ ڪراس کين مصر حوالي ڪيو. اسرائيلي ميڊيا موجب سڪيورٽي اهلڪارن حماس طرفان 13 يرغمالين کي آزاد ڪرڻ جي به تصديق ڪئي آهي. حماس پاران اسرائيلي قيدين جي آزادي کانپوءِ قابض فوج 39 فلسطيني عورتن ۽ ٻارن کي به آزاد ڪندي ريڊ ڪراس حوالي ڪيو آهي.