ن ليگ، ايم ڪيو ايم ۽ اتحادين پاڻ کي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي متبادل طور پيش ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( رپورٽر  )  سنڌ ۾ مسلم ليگ (ن)، متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان ۽ اتحادين پاڻ کي پيپلز پارٽيءَ جي متبادل طور پيش ڪيو آهي. مردان هائوس ڪراچي ۾ مسلم ليگ ن جي بشير ميمڻ، ايم ڪيو ايم جي مصطفيٰ ڪمال، عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جي شاهي سيد، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي راشد شاهه ۽ جي يو آءِ جي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. بشير ميمڻ چيو ته ڪرپشن ۽ نظام هلائڻ باوجود پيپلز پارٽي چوي ٿي ته اسان وٽ ڪو به متبادل ناهي. اسان اڄ متبادل طور هتي آهيون، شهباز جي رفتار کي سنڌ ۾ آڻڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. ن ليگ اڳواڻ چيو ته اسان سنڌ سميت ڪراچي لاءِ بهترين متبادل آهيون، سنڌ جو نگران وڏو وزير سنڌ اسان کي ليول پليئنگ فيلڊ ڏئي.بشير ميمڻ چيو ته ڪراچي ترقي ڪندو ته سنڌ ترقي ڪندي، صوبو اڳتي وڌندو ته پاڪستان ترقي ڪندو. هن چيو ته سنڌ ۾ اسڪول بند ڪيا پيا وڃن، صوبي جي عوام کي سندن مسئلن مان ڇٽڪارو ڏيارينداسين.مصطفيٰ ڪمال چيو ته اتحاد جو مقصد سنڌ جي ترقي آهي، اسان گڏجي صوبائي حڪومت ٺاهينداسين، ايندڙ وقت سنڌ جي مظلوم عوام جو آهي، عوام اسان جو ساٿ ڏي ۽ اسان کين مسئلن مان ڪڍنداسين.ان موقعي تي شاهي سيد چيو ته سياسي پارٽيون هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ چاهين ٿيون، اسان چاهيون ٿا ته سنڌ مان جبر جو نظام ختم ٿئي. جي ڊي اي اڳواڻ راشد شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي خلاف جهاد اڪبر جو اعلان ڪيون ٿا، پاڪستان ۾ ڪرپشن خلاف جدوجهد سنڌ مان شروع ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.