ڪويت پاران 10 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جي منظوري

اسلام آباد (م ڊ ) نگران وفاقي ڪابينا ڪويت پاران پاڪستان ۾ 7 منصوبن ۾ 10 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جي منظوري ڏئي ڇڏي.  خابرو اداري موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ نگران وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. ڪابينا پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ سيڙپڪاري لاءِ 7 ايم او يوز جي منظوري ڏني جن تي صحيحون وزيراعظم جي ڪويت جي دوري دوران ڪيون وينديون. اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جي ڪوششن جي نتيجي ۾ ڪويت پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ 7 منصوبن ۾ 10 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري لاءِ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪندو. انهن منصوبن ۾ پاڻي جي ذخيرن جي واڌ، مائننگ جون سهولتون، ساحلي علائقن لاءِ تمر جي ٻيلن جي تحفظ ۽ واڌ، آءِ ٽي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري جا منصوبا ۽ فوڊ سيڪيورٽي جا منصوبا شامل آهن. وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا ان سلسلي ۾ خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل ۽ لاڳاپيل وزارتن جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وفاقي سطح تي ٿيل انهن ايم او يوز ۾ صوبن سان سهڪار کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن اهي منصوبا تيزيءَ ۽ شفافيت سان مڪمل ٿي سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.