نئين دهلي ( م ڊ ) افغانستان ڀارت ۾ پنهنجو سفارتخانو مستقل طور بند ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب افغانستان ڀارت ۾ پيش ايندڙ چئلينجز سبب پنهنجو سفارتخانو مستقل طور بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي افغانستان طرفان به تصديق ڪئي وئي آهي. افغان سفارتخاني سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي سفارتخاني جي بندش جي تصديق ڪئي آهي. رپورٽن موجب افغان حڪومت موقف اختيار ڪيو آهي ته ڀارت طرفان سفارتي سهڪار نه ملڻ سبب سفارتخانو بند ڪيو ويو آهي، جيڪو 23 نومبر کان لاڳو ڪيو ويو آهي. افغان سفارتخاني طرفان جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته پهرين آڪٽوبر تي سفارتخاني جون ڪارروايون بند ٿيڻ کانپوءِ خميس کان سفارتخانو بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. افغان سفير موجب سفارتخاني جون چاٻيون ميزبان حڪومت کي ڏنيون ويون آهن، ڀارت ۾ مقرر افغان سفارتڪار سياسي پناهه لاءِ آمريڪا ۽ يورپ ويا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب افغان سفارتخاني جي مستقل بندش تي ڀارتي پرڏيهي وزارت طرفان فوري طور تي ڪو به ردعمل جاري ناهي ڪيو ويو.