فاروق ستار جي آفاق احمد کي متحده جي حمايت ڪرڻ جي اپيل

ڪراچي ( م ڊ ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار مهاجر قومي مومينٽ جي باني آفاق احمد کي متحده جي حمايت ڪرڻ جي  اپيل ڪئي آهي. راچي جي علائقي ملير ۾ اليڪشن آفيس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي فاروق ستار چيو ته ڪراچي ۾ اسان جو هڪ ٻيو ڀاءُ آهي، مان کيس چوان ٿو ته ضد ڇڏي ڏي، اچو ته گڏجي اڳتي وڌون.فاروق ستار چيو ته جماعت اسلامي ۽ اسان مان ڪجهه ماڻهو جن کي ايم ڪيو ايم جي مستقبل جو خوف آهي، اهي پيپلز پارٽي جي بي ٽيم جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.ٻئي پاسي ڪورنگي ۾ ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته بلاول ڀٽو جو وڏا به اسان جي در تي ايندا ها ۽ ووٽ گهرندا ها، کين اسان جي ووٽن جي خيرات ملي تڏهن صدر ۽ وزير اعظم ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.