ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي اطلاعات واري نگران وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪو پرڏيهي جيڪڏهن ڪنهن واقعي ۾ ملوث ڏٺو ويو ته قانون موجب ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سول سيڪريٽريٽ ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. جان اچڪزئي چيو ته ملڪ جي ٻين علائقن وانگر بلوچستان ۾ غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪارروائي جاري آهي، افغان عملدارن کي اپيل آهي ته پاڪستان مان واپس ويندڙن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن چيو ته بلوچستان جي بيورو ڪريسي سبب ترقياتي منصوبا سستي جو شڪار آهن، جيڪڏهن فنڊ وقت تي جاري نه ٿيا ته تمام گهڻو نقصان ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردن لاءِ ڪا به جڳهه ناهي، حڪومت نه رڳو دهشتگردن پر انهن جي سهولتڪارن خلاف به ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي، اسان جي سيڪيورٽي فورسز طرفان ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن.