پاڪستان ۾ 45 لک کان وڌيڪ ماڻهو ساهه جي تڪليف ۾ مبتلا

ڪراچي (م ڊ)صحت جي ماهرن چيو آهي ته ساهه جي نالين ۾ تنگي جي بيماري “سي او پي ڊي” جي تيزيءَ سان وڌڻ ڪري اها دنيا ۾ موت جو  ٽيون وڏو سبب بڻجي ويندي. پاڪستان ۾ لاهور ۽ ڪراچي سوڌو وڏن صنعتي شهرن ۾ فضائي گدلاڻ خطرناڪ حد تائين پهچي رهي آهي. وقت سر قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي انتظام هيٺ سيمينار کي خطاب ڪندي ملڪ جي صحت جي ماهرن چيو آهي ته سنڌ ۽ پنجاب جي وڏن شهرن ۾ ايئر ڪوالٽي انڊيڪس وڌڻ بعد ساهه جي نالين ۾ تنگي (سي او پي ڊي) جو خطرو آهي، سي او پي ڊي دنيا ۾ موت جو ٽيون وڏو سبب بڻجندو پيو وڃي جنهن ۾ ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي سوڌو صحت جا ٻيا به مسئلا شامل آهن.لاهور ۽ ڪراچي گدلو ترين شهرن جي فهرست ۾ اچڻ بعد اختيارين کي لاهور ۾ ڪورونا جيان لاڪ ڊائون لڳائڻو پئجي رهيو آهي. اهي ڳالهيون هنن ڊائو انٽرنيشنل ميڊيڪل ڪاليج جي پروفيشنل ڊولپمينٽ سينٽر ۾ ورلڊ سي او پي ڊي ڏينهن جي سلسلي ۾ منعقد آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيون. سيمينار جو خاص مهمان اوجها انسٽيٽيوٽ آف چيسٽ ڊزيز جو ڊائريڪٽر ۽ ڊائو يونيورسٽي جي ميڊيسن شعبي جو ڊين پروفيسر افتخار احمد هو جڏهن ته ٻين تقريرون ڪندڙن ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ڊاڪٽر محمود ملڪ ،ليفٽيننٽ ڪرنل ڊاڪٽر شمائله ۽ پروفيسر فيصل فياض زبيري شامل هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي پروفيسر افتخار احمد چيو ته پنجاب سوڌو سنڌ ۾ سموگ ۽ آبهوا ۾ موجود دونهين انساني جانين کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اڄ به اسين ايئر ڪواليٽي انڊيڪس جي لحاظ کان آلوده ترين شهرن ۾ اچون ٿا. ان جو مک سبب گاڏين جو دونهون ،ڪچري کي ساڙڻ ۽ صنعتي گدلاڻ آهي. هن چيو ته اسان کي بطور ڊاڪٽر ۽ صحت جي ماهرن پنهنجي معاشري کي اهو سيکارڻ ۽ سمجهائڻ گهرجي ته انهن شين کي پاسو ڪريون. اڄ ماحولياتي گدلاڻ سبب اسان آڏو ڪورونا جهڙي صورتحال آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.