ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ ڀرسان مڙس پنهنجي ڀاءُ سان گڏجي ڪارنھن الزام ھيٺ گھرواري کي قتل ڪري ڇڏيو، بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد پناهه کوسو ۾ جوابدار ھزار خان کوسو پنھنجي ڀاءُ مور خان کوسو سان گڏجي مبينا ڪارنھن جي تھمت ھڻي پنهنجي گھرواري فرزانه کي ٽي ٽي پسٽل جا فائر ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو، واقعي جي اطلاع ملندي ھي حد جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتولا جو لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال ڪنڌڪوٽ آندو سول اسپتال ۾ مقرر ليڊي ڊاڪٽرياڻيون ڊيوٽي تي نه ھجڻ ڪري ڪيترائي ڪلاڪ لاش اسپتال اندر پيل رھيو، مقتول عورت سان گڏ آيل وارث سخت پريشان ٿي ويا ڪيترائي ڪلاڪ لاش اسپتال اندر پيل ھجڻ سبب صحت کاتي ۽ ضلعي انتظاميا ڪو به نوٽيس نه ورتو، ذريعن موجب ليڊي ڊاڪٽر بدران مرد ڊاڪٽرن لاش جو معائنو ڪري ڪاغذي ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، پوليس موجب واقعو ڪارنھن سبب پيش آيو، جوابدار گهر خالي ڪري ويا، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون ڪري رھيا آهيون، مقتولا عورت جا وارث اچڻ بعد واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو، ٻئي پاسي مقتول عورت جي وارثن طرفان قاتلن جي گرفتاري لاءِ انڊس هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، هنن چيو ته اسان جي نياڻي کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، اسپتال ۾ به سهولتون ناهن، ڪيترائي ڪلاڪ لاش جو پوسٽ مارٽم نه ڪيو ويو، هنن چيو ته قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.