خبر پئي آهي ته سنڌ حڪومت ڌاڙيلن کي هٿيارن جا پئسا ڏنا آهن:راشد محمود

ميرپورخاص/ شاهپور چاڪر (نمائندن وٽان) جي يو آئي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو چيو آهي ته اهو سٺو سئنوڻ آهي ته سنڌ ۾ ڌاڙيل هٿيار ڦٽا ڪن پيا، پر خبر پئي آهي ته سنڌ حڪومت انهن هٿيارن جا ڌاڙيلن کي پئسا ڏنا آهن، ايندڙ ڪجھه ڏينهن ۾ گهوٽڪي جي علائقي جا ڌاڙيل به هٿيار ڦٽا ڪندا حڪومت جي انهن سان ڊيل هلي پئي، حڪومت ڌاڙيلن کي هٿيارن جا پئسا پئي ڏئي جنهن سان حڪومت ڪمزور ٿيندي، مولانا راشد محمود سومرو شاهپور چاڪر ۽ ميرپورخاص ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته منهنجو سنڌ حڪومت کان سوال آهي ته انهن ڌاڙيلن تي ساڳيو قانون لاڳو ڪيو ويندو جيڪي پوليس اهلڪار جي قتل ۾  ملوث آهن جيئن انهن ڌاڙيلن تي لاڳو ٿيندو جيڪي سردار، ايم پي ايم اين جي پٽ يا ساٿي جي قتل ۾ ملوث آهن، منهنجي معلومات موجب، سنڌ حڪومت هٿيار خريد ڪيا آهن.پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي وچ ۾ ڪُشتي جو ڊرامو هلي رهيو آهي. جيڪڏهن شفاف چونڊون ٿيون ته بلاول پنهنجي سيٽ بچائي نه سگهندو، جي يو آءِ افغانين کي ڪڍڻ جي خلاف ناهي، پر طريقن ۾ فرق آهي، جيڪي غيرقانوني افغاني وڃن پيا انهن کي ملڪيتن جو معاوضو ڏنو وڃي، سنڌ مان ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ کين غير مسلح ڪرڻ واري قدم جي حمايت ڪيون ٿا پر ان جي طريقيڪار تي اعتراض آهن جن ڌاڙيلن معصوم عوام سميت سرڪاري ملازمن پوليس عملدارن اهلڪارن کي اغو ۽ قتل ڪيو انهن لاءِ ڳاڙهو ڪارپيٽ وڇائي ٻڪر ۽ ڪڪڙ جون ديگيون تيار ڪيون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.