ڌاڙيلن، ڀوتارن ۽ پوليس جو ڳٺ جوڙ ختم ڪيو وڃي:ڪاشف سعيد

ڪراچي/گھوٽڪي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ گھر ڪئي آھي ته سنڌ ۾ امن امان جي بحالي  توڙي ڏوھن جي خاتمي لاءِ ڌاڙيل ڀوتار ۽ پوليس جي ڪارين رڍن تي ٻڌل ٽڪنڊو ختم ڪيو وڃي، ڏوھارين توڙي انھن جي سرپرستيءَ ڪندڙ بنگلن جي مالڪن کي به قانون جي پنجوڙ ۾ آندو وڃي، سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ڌڙيل راڄ اغوا توڙي ڀتي خوري جي وڌندڙ ناسور سبب سنڌ جو امن، معيشت ۽ ڪاروبار تباھ ٿي ويو آھي، جڏهن ته پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڏوھارين خلاف قدم کڻڻ بدران خاموش تماشائي بڻيل آھن، لڳي ٿو ته ڌاڙيلن نه، پر سنڌ حڪومت ڌاڙيلن آڏو سرينڊر ڪيو آھي، 21نومبر کان لاھور ۾ جماعت اسلامي جو ٽن ڏينهن جو تاريخي اجتماع منعقد ٿيندو جنھن ۾سنڌ سميت سڄي ملڪ مان لکين ماڻھو شريڪ ٿيندا. اھڙن خيالن جو اظهار ھن ڏھرڪي ۾ ضلعي گھوٽڪي جي عھديدارن جي اجلاس کي خطاب دوران ڪيو، ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي واحد سياسي ۽ ديني جماعت آهي جنهن هميشه سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ هر پليٽ فارم تي ڀرپور احتجاج ڪيو آهي پوءِ اهو کڻي سنڌوءُ مٿان غير قانوني ڪينال ڪڍڻ وارو مسئلو هجي، ڌاڙيل راڄ يا ڪارپوريٽ فارمنگ وارو اشو هجي اسان ڪنهن به موقعي تي سنڌ جي ماڻهن کي اڪيلو ناهي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.