خيرپور(ڊ ر)راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ پراسرار نموني قتل ٿي ويل فاطمه ڦرڙو جي پيءُ ۽ ماءُ خيرپور جي عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سڀ ثبوت ڪورٽ ۾ موجود آھن، اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ جي لاءِ ڌمڪيون ملي رهيون آهن ۽ چيو پيو وڃي ته صرف ٻه مھينا اٿو جيئن ئي اليڪشن ٿي ويندي ته اسان آزاد آهيون اسان کي صرف ٻه مھينا تڪليف آھي پوءِ اسان آزاد ٿي وينداسين، اسان نگران حڪومت کي اپيل ڪيون ٿا ته جلد کان جلد ڪيس اڪلايو وڃي جئين جوابدارن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن اسان کي ڪورٽ سڳوري مان اميد آھي ته اسان جي نياڻي سان انصاف ڪيو ويندو، ھنن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيوته ماڻھو اسان ڏئي نياڻي جي دعا گھرڻ جي بھاني اچن ٿا ۽ چون ٿا ته صرف ٻه مھينا اٿو جنھن بعد پيرن جي حڪومت ايندي پوءِ توھان جو ڪجھه به نه ٿيندو.