فاطمه ڦرڙو ڪيس: جوابدار 8 ڊسمبر تائين رمانڊ تي پوليس حوالي

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)راڻيپور ۾ پيراڻي حويلي ۾ پراسرار نموني سان قل ٿي ويل معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس ۾ نامزد  4 جوابدارن کي خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته پيراڻي حويلي ۾ پراسرا  نموني قتل ٿي ويل فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار پير اسد شاهه حنا شاهه فياض شاهه امتياز ميراثي دهشتگردي ٽوڙعدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالتي ڪاروائيون بند هجڻ ڪري عدالت نامزد جوابدارن کي هڪ ڀيرو ٻيهر 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدارن کي 8 ڊسمبر تائين جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي، ياد رهي ته ٻه ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جوابدار فياض شاهه جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.