انڊيڪس 59502 جي نئين بلند ترين سطح تي، ڊالر 50 پيسا مهانگو

ڪراچي  (م ڊ )  پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هاڪاري ڪاروباري رجحان برقرار رهيو ۽ 100 انڊيڪس تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل هڪ هفتي کان تيزي نظر اچي رهي آهي ۽ 16 نومبر تي 100 انڊيڪس پهريون ڀيرو 57 هزار جي سطح پار ڪيو، ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 701 پوائنٽس وڌي ۽ ڪاروبار جي آخر ۾ 58 هزار 899 تي بند ٿيو. ڪاروبار دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 59 هزار جي سطح عبور ڪري 59242 تي پهچي ويو. پي ايس ايڪس تي ٽريڊنگ جو پهريون سيشن مثبت رهيو ۽ 100 انڊيڪس 59502 جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو، 100 انڊيڪس پهرين سيشن ۾ 498 پوائنٽس جي واڌ کانپوءِ 59398 تي بند ٿيو. ٻي پاسي پاڪستان رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر مهانگو ٿي ويو. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان موجب انٽربينڪ م ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر 285 رپيا 37 پيسن تي بند ٿيو آهي. جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 50 پيسا اضافي سان 286 رپيا 50 پيسا آهي. انٽر بينڪ ۾ گذريل ڏينهن ڊالر 285 رپيا 27 پئسن تي بند ٿيو هو. ياد رهي ته انٽربينڪ ۾ ڪاروباري هفتي ۾ ڊالر هڪ رپيو 13 پئسا سستو ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.