مسلم دنيا اسرائيل جي اجازت بغير غزه ۾ ڪجهه نٿي موڪلي سگهي: مشتاق احمد

اسلام آباد (م ڊ) جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد چيو آهي ته مسلم دنيا اسرائيل جي اجازت بغير غزه ۾ ڪجهه نٿي موڪلي سگهي، مشتااق احمد فلسطين تي اسرائيلي جارحيت خلاف سينيٽ ۾ ڌيان ڏياريو  نوٽيس پيش ڪندي چيو ته مان مصر ويس پر غزه وڃڻ جي اجازت نه ملي سگهي، اُتي ڪو به احتجاج نه ڏٺو، مان مصر ۾ ٻه هفتا رهيس، اسرائيل سامان کي چيڪ ڪري واپس رفح موڪليندو آهي جنهن بعد اهو غزه ويندو آهي، هن چيو ته سرجيڪل شيون به اسرائيل اڳتي وڃڻ نٿو ڏئي، مون کي ٻڌايو ويو ته گهٽ ۾ گهٽ 50 هزار ماڻهو غزه ۾ شهيد ٿي چڪا آهن، حماس کي سلام پيش ڪيان ٿو، اسرائيل جون جيتريون ملٽري گاڏيون تباهه ٿيون اوتريون ان جون ڪڏهن به ڪنهن جنگ ۾ تباهه ناهن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.