مردان(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪندي عدالت کيس جيل اماڻي ڇڏيو آهي. مردان جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ 9 مئي تي پرتشدد واقعن جي ڪيس ۾ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي وڌيڪ 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي پوليس جي درخواست رد ڪندي کيس 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر کي ڪالهه ڊسٽرڪٽ سيشن جج مردان جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، گذريل ڏينهن دهشتگردي جي انت واري عدالت مان ضمانت منظور ٿيڻ بعد کيس چارسده ۾ داخل 9 مئي سانحي جي ڪيس ۾ ٻيهر گرفتار ڪيو ويو هو.