اسلام آباد (م ڊ ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسان جي حڪومت نجڪاري تي فوڪس ڪري رهي آهي ۽ پي آءِ اي جي خانگائڻ پهرين ترجيح آهي. خانگي ٽي وي جي انٽرويو ۾ ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جو چوڻ هو ته خاص سيڙپڪاري سهولتڪاري ڪائونسل ( ايس آءِ ايف سي) ۾ سول ۽ ملٽري قيادت جا ماڻهو شامل آهن، ايس آءِ ايف سي ذريعي سيڙپڪاري پاليسي ۾ سڌارا ڪيا پيا وڃن، پاڪستان ۾ ايندڙ هفتي سيڙپڪاري بابت سٺيون خبرون ملنديون. هن چيو ته اسان نه رڳو خطي پر خطي کان ٻاهر جي سيڙپڪاري به پاڪستان ۾ آڻڻ چاهيون ٿا، پرڏيهي سيڙپڪار زراعت، معدنيات سميت ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪندا. انوار الحق ڪاڪڙ جو چوڻ هو ته انساني وسيلن جي ترقي ۽ سڌارن تي ڪم جاري آهي.