سنڌ جي مختلف شهرن ۾پروگريسو اسٽوڊنٽ ڪليڪٽو پاران شاگرد يڪجهتي مارچ

ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) پروگريسو اسٽوڊنٽ ڪليڪٽو پاران آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي کان ڪراچي پريس ڪلب تائين شاگرد يڪجهتي مارچ ڪيو ويو، مارچ بعد شاگردن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ويو.  مظاهري ۾ اظهار يڪجهتي ڪندي ڪرڻ لاءِ آيل قومپرست اڳواڻ عبدال خالق جوڻيجو چيو ته ملڪ جي آئين ۾ آهي ته 16 سالن تائين جي ٻارن کي حڪومت مفت تعليم ڏيندي پر 3 ڪروڙ کان مٿي ٻارن کي مفت تعليم نه ٿي ملي، جڏهن شاگرد سياست ڪن ٿا ته کين روڪيو پيو وڃي. زدران، ورثا پيرزادو، مدثر سرڪي ۽ ٻين چيو ته ڊي سي ۽ هاريءَ جي پٽ کي هڪ جهڙي تعليم ڏني وڃي، هتي سرڪاري يونيورسٽين جون فيس پرائيويٽ يونيورسٽين کان وڌيڪ ٿينديون پيون وڃن، مختلف يونيورسٽين مان نوجوانن ڦاهي چڙيل لاش مليا آهن، جيڪا ڳڻتي جي ڳالھه آھي. ھنن وڌيڪ چيو ته تعليمي ادارن ۾ جماعت اسلامي ۽ پيپلزپارٽي جي ماڻهن کي کليل ڇوٽ آهي، جيڪي شاگردن حقن ڳالهھ ڪن ٿا کين سياست کان روڪيو پيو وڃي.  مظاهرو ڪندڙ شاگردن مطالبو ڪيو ته  شاگرد يونين جي  بحالي، فيس ۾ گهٽتائي، اينٽي هراسمينٽ ڪميٽي جو قيام، گرلس هاسٽل جي وقت جي پابندي ختم ڪرڻ، ڪي ايس پي پاليسي جو خاتمو ۽ دائود يونيورسٽي مان شاگردن جي برطرفي بند ڪرڻ سميت ٻيا مطالبا ترت پورا ڪيا وڃن. حيدرآباد ۾ اولڊ ڪيمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين شاگرد يڪجهتي مارچ ڪيو ويو، نياز راھوڪڙو، آرادين ڀنڀرو، ساگر سرويچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مارچ ڪيو ويو. شاگردن جي مارچ ۾ گُھر ڪئي وئي تھ شاگرد يونين بحال ڪري تعليمي بجيٽ وڌائي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.