سکر (رپورٽر) سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت شهيد جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 3 جوابدارن کي چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس سينيئر صحافي جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪيل ٽنهي جوابدارن عاقل ڌاريجو، اميد علي جتوئي ۽ سرور جتوئي کي عدالت آڏو پيش ڪري 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي، عدالت چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي منظوري ڏني، شهيد جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ ملوث مک جوابدار اڃا گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.