پني عاقل ۾ ڪارنهن تان عورت جي موت جو جرڳو، نوجوان مٿان 17 لک ڏنڊ

پنو عاقل (ن ع آ) پنوعاقل ۾ ڪجھه مھينا اڳ نوجوان کي ڪارنھن ڏيئي سندس گھر تي ڪاھ دوران عورت جي پراسرار نموني فوت ٿيڻ واري واقعي جو جرڳو، ڪارنھن جي الزام ھيٺ آيل نوجوان جي ڌر 17 لک رپيا  ڪارنھن جي ڏنڊ جي فتويٰ ڏني وئي، عورت جي پراسرار فوت ٿيڻ بابت شيخ برادري ساک کڻندي،  پنوعاقل ۾ سليم غني خان ڪلوڙ جي سرپئنچي ۾ جرڳو ڪري شيخ ۽ جتوئي برادري جي ٻنھي ڌرين جون ڳالھيون ٻڌيون ويون، جتوئي برادري جي نوجوان واري ڌر تي ڪارنھن جو 17 لک رپيا ڏنڊ جي فتويٰ جاري ڪئي وئي، ٻه لک موقعي تي ادا ڪيا ويا، نوجوان جي گھر تي چڙھائي دوران الزام ھيٺ آيل نوجوان جواد جتوئي جي امڙ جي پراسرار نموني فوت ٿيڻ جي شيخ برادريءَ ساک کڻندي، ڪجھه مھينا اڳ شيخ برادري جي گگو شيخ پاران ڌيءَ کي نوجوان جواد جتوئي سان ڪارو قرار ڏنو ويو هو،  ڪارنھن الزام کانپوءِ شيخ برادري جي ماڻھن الزام ھيٺ آيل نوجوان جي گھر تي ڪاھ ڪئي ھئي جنھن دوران عورت قابلان جتوئي پراسرار نموني فوت ٿي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.