دادو(رپورٽ: غوث جهتيال) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ ميهڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ڪيس جي پوئواري ڪندڙ امرباب چانڊيو جي 3 گھر ڀاتين ڪرم الله چانڊيو، مختيار چانڊيو، قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ جي جج حافظ عطاءُ الله شيخ جي عدالت ۾ ٿي، ام رباب چانڊيو ۽ ڪيس جو فريادي پرويز چانڊيو ۽ ڪيس ۾ شاهد منظور چانڊيو گڏ عدالت پھتا، الزام ھيٺ آيل اڳوڻو ايم پي اي سردار احمد چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيو، برھان چانڊيو پرڏيھه ۾ ھجڻ سبب ٻڌڻي تي نه پهچي سگهيو، گرفتار جوابدارن ۾ علي گوھر چانڊيو، ذولفقار، مرتضيٰ، سڪندر چانڊيو کي جيل مان عدالت ۾ آندو ويو، ڪيس جي شاھد منظور چانڊيو کان الزام ھيٺ آيل ڌر جي وڪيل پاران آڏي پڇا جو سلسلو جاري رهيو، عدالت ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ٻاهران ام رباب چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو ڪو به ڀوتارن سان راڄوڻي نبيرو نه پيو ٿي ۽ اجائي واويلا ڪئي پئي وڃي، سردارن پاران آيل موقف کي رد ڪيان ٿي، جيسيتائين زندگي ساٿ ڏنو تيسيتائين جاگيرداري نظام خلاف جدوجهد جاري رهندي، منهنجي والد، ڏاڏي ۽ چاچي کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو مان پراميد آهيان ته عدالتون ضرور انصاف ڪنديون، سردار چانڊيو چيو ته اڄ جيڪو شاهد گواهي ڏئي پيو ان جي موبائيل ٽريسنگ ٿي واقعي واري ڏينهن تي نصير آباد، گاجي کهاوڙ، فريدآباد ۾ هئي شايد ان موبائيل کي جن هو جو پاڻ وتي پئي گهمند، هنن جي تمندار ڪائونسل جو جيڪي چيئرمين آهي انهن کي هن پاڻ ٺاهه لاءِ چيو هو انهن کي چيائين ته غلطي سان هنن جا نالا اچي ويا آهن جنهن جي چوڻ تي ڏنا آهن انهن کي ڪئين منهن ڏينداسين پهرين ڏينهن کان ڪوڙا آهن ۽ اڄ به ڪوڙا آهن.