عمران خان کي نجي طور ڄاڻڻ مون لاءِ ڀوائتو تجربو هو: اداڪارا هاجرا

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد ۾ پاڪستاني فلم ۽ ٽي وي جي اداڪارا هاجرا خان پانيزئي جي ڇرڪائيندڙ انڪشافن تي ٻڌل 2014ع  جي آتم ڪٿا ’Where the Opium Grows‘ جي اوريجنل ورجن جي مهورتي تقريب ٿي گذري. اداڪارا هاجرا خان پانيزئي پنهنجي آتم ڪٿا ’Where the opium grows, surviving Pakistan as a woman, an Actress and knowing Imran Khan‘ بابت سوشل ميڊيا تي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته عمران خان کي نجي طور تي ڄاڻڻ مون لاءِ هڪ ڪارو ۽ ڀوائتو تجربو هو ۽ کيس ان وقت ڄاڻڻ جي ڪري منهنجو ڪيريئر شديد ڏکيائين جو شڪار ٿيو، گھڻن ماڻهن جا ڪيريئر ان انسان جي ڪري متاثر ٿيا. پنهنجي پيءُ جو تعارف ڪرائڻ تي شرمندگي آهي. هن چيو ته عمران خان عوامي طور تي ناليوارو ڪرڪيٽر ۽ قومي هيرو آهي ۽ سندس حامي هن کي مسيحا قرار ڏيندا آهن پر ذاتي زندگي ۾ هو گھڻو مختلف آهي حامين طرفان هن جي مسيحا واري اميج بڻائڻ خوفناڪ آهي. پانيزئي جو چوڻ هو ته ڪتاب 2014ع ۾ عمران خان جي اقتدار ۾ اچڻ کان ڪيترائي سال اڳ ڪنهن سياسي ايجنڊا کانسواءِ لکيو تڏهن مون کي خبر نه هئي ته هو وزيراعظم بڻجندو ۽ بدقسمتي سان حادثو ثابت ٿيو، عمران کي ڄاڻڻ مون لاءِ ڏکيائين جو سبب بڻيو جڏهن آئون واٽس ايپ تي آيس ته هنن منهنجي سوشل ميڊيا کي هيڪ ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.