اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جيل ۾ وڪيلن ۽ فيملي سان ملڻ ۽ ٻين سهولتن جي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، فواد چوڌري جي درخواست تي اسلام آباد جي جسٽس گل حسن اورنگزيب ٻڌڻي ڪئي، جسٽس گل حسن اورنگزيب چيف ڪمشنر کي پٽيشنر جي درخواستن تي غور ڪري فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪئي، عدالت چيو ته پٽيشنر جي درخواست تي فيصلو ڪري ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ رپورٽ ڏني وڃي، جسٽس گل حسن اورنگزيب چيو ته سرڪاري وڪيل جي طرفان ٻڌايو ويو آهي ته عدالتي هدايتن تي عمل ناهي ڪيو ويو، ظاهري طور تي هي آئيني عدالت جي حڪمن جي ڀڃڪڙي آهي، چيف ڪمشنر اسلام آباد ٻڌائي ڇو نه ان جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.