ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ الڳ الڳ واقعن ۾ ھڪ انساني ڍانچو ھٿ ۽ فائرنگ واقعن ۾ 3 زخمي ٿي پيا، رئيس ڳوٺ ڀرسان عارف ڳوٺ جي جھنگ مان ڊرم جي اندران ھڪ انساني ڍانچو ھٿ آيو، پوليس واقعي واري هنڌھچي ھٿ آيل ڍانچو قبضي ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو ، فائيو اسٽار کان لانڍي ڪوٺل ڀرسان ميزان بينڪ ڀرسان ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ۾ ماذ ولد ايم عمر زخمي ٿي پيو.
ڪراچي: يوسف پلازه ڀرسان ڪار جي ٽڪر سبب واٽهڙو فوت
ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي ۾ سھراب ڳوٺ جي علائقي يوسف پلازا جي ڀرسان ڪار جي ٽڪر ۾ واٽھڙو حاجي محمد ولد جمع بخش ٿڏي تي فوت ٿي ويو ۽ موٽرسائيڪل سوار طاھر ولد مظھر عباس سخت زخمي ٿي پيو، فوتي جو لاش ۽ زخمي کي عباسي شھيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان گلستان جوهر ۾ غيرقانوني اڏاوت ڊاهڻ جو حڪم
ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس نديم اختر تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ گلستان جوهر بلاڪ ون ۾ پلاٽ تي غير قانوني اڏاوت 7 ڏينهن ۾ ڊاهي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت کان سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، ڪي ڊي اي سميت ٻين کان به هفتي ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي.