ڪراچي (م ڊ)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان ڪالهه خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي صنعتڪارن جي وفد سان گڏجي سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، هتي گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب وفد ۾ صنعتن ۽ واپار واري وفاقي ايوان جو اڳوڻو صدر انجم نثار ۽ ٻيا شامل هئا. ملاقات ۾ ٻنهي صوبن وچ ۾ ويجهي سهڪار، ملڪ کي درپيش معاشي چئلينجن ، صنعتڪارن جي مسئلن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.