پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ) پني عاقل ۾ کليل گٽرن ۾ ٻه معصوم ٻارڙا ڪري ٻڏي فوت ٿي ويا، انڍڙ ڪالوني ۾ چئن ورھين جي نينگري ازنه انڍڙ ۽ مھيسر پمپ ويجھو نينگر اظھر شيخ ٻڏي فوت ٿي ويو ، ٻئي نينگر ۽ نينگري کليل گٽر نالين ۾ راند ڪندي ٻڏي فوت ٿي ويا، ٻنھي جي لاش کي تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو، قانوني ڪارروائي بعد لاشن کي وارث گھر کڻائي ويا، جڏهن ته ايمبولينس نه ھئڻ ڪري لاشن کي وارث موٽرسائيڪلن تي کڻي ويا، علائقي واسين ۽ وارثن موجب فوت ٿي ويل نينگر ۽ نينگري کليل گٽر نالين ۾ راند ڪندي ٻڏي فوت ٿي ويا، لاش کڻي وڃڻ لاءِ ايمبولينس به نه ڏني وئي، کليل گٽر ناليون قاتل بڻيل آهن، انتظاميا ان سلسلي ۾ ڪي به قدم ناهن کنيا.