ڪراچي (رپورٽر) شهيد ارشاد رانجھاڻي جي وارثن کي حراسان ڪندڙ اسٽيل ٽائون پوليس پريس رليز جاري ڪندي ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون سالم رند چيو آهي ته اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ هڪ ڦر جي واردات ٿي هئي جنهن جو ڪيس اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته 7 لک 60 هزار روڪ رقم ۽ جي ايس بينڪ ۽ بينڪ الحبيب جا اي ٽي ايم ڪارڊ ۽ موبائل فون 4 جوابدارن هٿيارن جي زور تي ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا، آءِ ايم آءِ نمبر ٽيڪنيڪل بنيادن تي ايس ايس پي آفيس ملير ۾ ٽريسنگ لاءِ ڏنو ويو جيڪا 030987461390 تي ٽريس ٿي جيڪا هڪ مسمات پروين جي نالي تي استعمال ٿي رهي هئي گلزار هجري ڪراچي ۾ رهائش پذير هئي ۽ ڦر ڪيل موبائل فون خالد نالي شخص هلائي رهيو هو اسٽيل ٽائون ايس ڊي انٽري نمبر 64 تحت ڪيس الزم نمبر انويسٽيگيشن پوليس ۽ آپريشن برانچ ملازمن ۽ ليڊيز پوليس سان ڪري سچل ٿاڻي تي پهتي ۽ سچل ٿاڻي جي پوليس موبائل اسان سان گڏ هئي ۽ گهر جو دروازو کڙڪايو پر ٻاهر ڪير نه نڪتو ۽ بعد ۾ گهر جو گهر جو مالڪ آيو، ان چيو ته دروازو کليو مان گهر جو مالڪ آهيان ۽ پوءِ سڀ ٻاھر نڪري آيا ۽ جوابدار کي فرار ڪرائي ڇڏيو.
پوليس قاتل جي ونگارو آهي، عورت پروين سان واسطو ناهي: منور رانجهاڻي
ڪراچي (رپورٽر) شهيد ارشاد رانجھاڻي جي وارثن منور رانجهاڻي پوليس جي لڳايل الزامن کي رد ڪندي عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او سالم رند جنهن ڦر واردات جي ڳالھه ڪري رهيو هو اها واردات ڪجهه وقت اڳ ٿي هئي، اسان جي ڀاءُ کي پوليس رحيم شاهه جي چوڻ تي ڪوڙن ڪيس ۾ گرفتار ڪري گم ڪيو ويو هو، بعد ۾ ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي تي ظاهر ڪيو ويو، شاهراهه فيصل جاچ پوليس حوالي ڪيو ويو، عدالت سڳوري ڀاءُ کي جيل موڪلي ڇڏيو، پوءِ اسان پنهنجي ڀاءٌ خالد رانجهاڻي جي ضمانت ڪرائي ۽ ارشاد رانجهاڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار کي اي ٽي سي ڪورٽ طرفان فيصلو ڏئي کيس آزاد ڪري ڇڏيو جنهن لاءِ اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ته رات ٿيندي ئي اسٽيل ٽائون ٿاڻي پوليس اي ايس آءِ شاهد مستوئي جي اڳواڻي ۾ ڪاهه ڪري اسان کي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي وڊيو پڻ موجود آهي، اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ واردات ٿي ان وقت پوليس ڪاٿي گم هئي جو پوليس کي ان واردات خالد رانجهاڻي کي گرفتار ڇو نه ڪيو ويو پروين نالي عورت سان اسان جو ڪو به واسطو ناهي پوليس رحيم شاهه جي وانگر وهندي هٿ ٺوڪيا حربا استعمال ڪري رهي آهي اسان رحيم شاهه خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي آهي هي ان جو نتيجو آهي.