چنيوٽ(م ڊ) امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق چيو آهي ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) فلسطين تي احتجاج نه ڪيو. چنيوٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ۽ لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ سراج الحق چيو ته 46 ڏينهن ۾ پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ فلسطين خلاف ڪا به ريلي يا احتجاج ناهي ڪيو. هن چيو ته ن ليگ ۽ پ پ قيادت کي خبر آهي ته جيڪڏهن فلسطين ۾ احتجاج ڪيو ته آمريڪا ناراض ٿي ويندو. آمريڪا سميت سموريون يهودي طاقتون فلسطينين خلاف اسرائيل جي حمايت ڪري رهيون آهن. هن چيو ته روسي صدر ولادي مير پيوٽن فلسطين مسئلي تي روئي رهيو آهي پر اسان جي حڪمرانن جون دليون پٿر جون آهن. امير جماعت اسلامي جو اهو به چوڻ هو ته مائرون، ڀينرون ۽ ڌيئرون فلسطين ۾ اسان جي انتظار ۾ آهن ۽ اسان جا حڪمران مير جعفر ۽ مير صادق آهن.