بدين / کورواهه (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار ۽ سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري طرفان ڪڙيو گهنور ۽ کورواه سميت بدين ضلعي جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو ويو، کورواهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳواڻن چيو ته آمريڪا سنڌ ۾ نئون اسرائيل ٺاهي ڏکڻ ايشيا کي دهشتگردي جي لپيٽ ۾ آڻڻ چاهي ٿوم، سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري ۽ زمينن تي قبضن جي قبضاگيرن کي کلي ڇوٽ ڏئي آمريڪي مفادن جو پورائو ڪيو پيو وڃي، سنڌ ۾ رهندڙ غيرقانوني غيرملڪين جي سرپرستي ڪئي پئي وڃي. بحريا ٽائون طرفان قبضا ڪيل سنڌ جي زمين بحريا جي حوالي ڪري وفاق ۽ صوبائي حڪومتن کي انهن زمينن جي پئسن مان حصا پتيون ڏيڻ واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ سنڌي عوام سان ناانصافي ڪئي وئي آهي، هنن چيو ته سنڌ جون زمينون سنڌي عوام جون ملڪيتون آهن، بحريا ٽائون وارن سنڌ جا تاريخي ڳوٺ، قبرستان ۽ لطيف جي تڪيي سميت ڪيترائي تاريخي ماڳ ۽ مڪان بلڊوز ڪري ماڻهن کي زوري لڏائي انهن جي زمينن تي قبضا ڪيا آهن. وفاق ۽ صوبائي حڪومتن کي بحريا ٽائون طرفان قبضو ڪيل زمينن مان حصو پتي ڏيڻ وارو سپريم ڪورٽ جو فيصلو جرڳائي فيصلو آهي، هن فيصلي ۾ آئين ۽ قانون کي پٺي ڏني وئي آهي. بحريا ٽائون جي عتاب هيٺ آيل ڳوٺاڻن کي سپريم ڪورٽ ڪو به رليف ناهي ڏنو، بحريا ٽائون زمينن تي قبضن متعلق سپريم ڪورٽ جو 4 مئي 2018ع وارو فيصلو آئين موجب هو، جنهن کي عملداري بينچ غيرآئيني طريقي سان مٽايو ويو آهي، سنڌ سرڪار توڙي ملڪ رياض جي هن تاريخ جي وڏي ۾ وڏي فراڊ جي جاچ ڪئي وڃي، ان سان گڏ ملڪ رياض خلاف پڻ ڪيس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي پر ملڪ رياض پنهنجا اثر رسوخ هلائي، فائيلن کي ڦيٿا لڳرائي سپريم ڪورٽ جو فيصلو ئي تبديل ڪرائي ڇڏيو. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جا اڳواڻ خير محمد چانڊيو ۽ غلام مصطفي شر پڻ موجود هئا