ملڪ ۾ چونڊن جي موسم آيل آھي پر سياسي جماعتن جون اڳي جھڙيون سرگرميون نظر نٿيون اچن جنھن ڪري سياسي سرگرمين مان چونڊن واري ماحول جو اشارو نھ پيو ملي.ان وچ ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو ھڪ خاص انٽرويو ھن وقت بحث جو موضوع بڻجي ويو آھي.جنھن ۾ ھن ويجھي ماضي ۽ مستتقبل جي امڪاني سياست بابت پڻ اشارو ڏنو آھي.
ھڪ تفصلي انٽرويو ۾ اڳوڻي صدر ڪافي ڳالھين کي ڇيڙيو آھي جنھن ۾ ھن انڪشاف ڪيو آھي تھ عمران خان جي حڪومت ۾ پي ٽي آءِ سان اتحاد لاءِ پيپلز پارٽي کي 6 وزارتن جي آڇ ٿي ھئي.سندس چوڻ موجب جيڪڏھن عمران خان کي حڪومت مان نھ ڪڍون ها ته هو هڪ جنرل ذريعي آر او اليڪشن ڪرائي 2028ع تائين حڪومت ٺاهي ھا.پوءِ هڪ ڪلو کير لاءِ پئسن جي ٽرڪ ڀري کير جي دڪان تي وڃڻو پوي ها. نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ اڳوڻي صدر چيو ته عمران حڪومت، پيپلز پارٽي کي زرداري مائنس ڪرڻ چاهيو پئي. مون کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ چيو ويو ۽ چيو ويو ته باقي پيپلز پارٽي 6 وزارتن جي بدلي پي ٽي آءِ سان گڏجي اليڪشن وڙهي. ھن چيو تھ باجوا آرمي چيف ضرور هو پر اداري ۾ سوچ جا بلاڪ هوندا آهن، ڪجهه دوستن جي سوچ مختلف هئي، عمران سان گڏ جنرل فيض هو، آصف زرداري عمران خان حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ جو دفاع ڪندي ان کي درست فيصلو قرار ڏنو آهي.هن چيو ته اسلام آباد ۾ ويٺل بابوئن کي ارڙهين ترميم سان مسئلو آهي.اهي باقي دنيا کان ڪٽيل آهن، کين ڪا خبر ناهي ته ارڙهين ترميم جا ڪهڙا مقصد آهن؟
پنھنجي پٽ بلاول ڀٽو زرداري سان اختلاف راءِ تي آصف زرداري جو چوڻ ھو تھ هي ڪا پوليس اسٽيشن ناهي ته گڊ ڪاپ بيڊڪاپ کيڏي وڃي،بلاول اڃا تربيت هيٺ آهي،کيس وقت لڳندو ،هر نئون نسل چوندو آهي ته ”بابا کي ڪجهه نٿو اچي“ هر گهر جي اها ڪهاڻي آهي.نئون نسل چوندو آهي ته “بابا توهان کي ڪجهه نٿو اچي“. اها ٻي ڳالهه آهي ته ميان صاحب آڏو ڪير ناهي ڳالهائيندو،اسان آڏو ته ڪارڪن به ڳالهائيندا آهن. اڄ جي نئين نسل جي پنهنجي سوچ آهي، بلاول سڀني کي بابا چئي رهيو آهي.رڳو مون کي نه سڀني کي پيو چوي،بلاول کي روڪيندس ته چوندو ته توهان سياست ڪريو،مان نٿو ڪريان. ٽرپل پ جو چيئرمين بلاول آهي ۽ فور پ جو چيئرمين مان آهيان،بلاول سميت اميدوارن کي ٽڪيٽ مان ڏيندو آهيان.
هن چيو ته جمهوريت ڪافي سالن کان ڪمزور ٿي چڪي آهي، آصفه ڀٽو ڪاوڙ ۾ بينظير ڀٽو کان وڌيڪ آهي، هن جي ڪاوڙ کان ڊپ ناهي لڳندو ،پيار ايندو آهي، هن چيو ته مون تي نوان ڪيس نوازشريف نه عمران خان ڪيا، آءِ پي پي جهانگير ترين بڻائي، پ پ خلاف هميشه اتحاد ٺهندا آهن، فنڪشنل ليگ اڳ ۾ به اتحاد ٺاهيو هو، هن چيو ته مستقبل ۾ گڏيل حڪومت ٺهندي، ٿي سگهي ٿو ته ن ليگ اسان سان گڏ نه هلي، اها ڳالهه وقت کان اڳ جي آهي، هن چيو ته منهنجي خيال ۾ پي ٽي آءِ اليڪشن ۾ حصو وٺندي،هن چيو ته مون کي پڪ آهي ته اليڪشن ڪمشنر صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائيندو، اسان ادارن کي اڳ به مضبوط ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن کي اڳتي به مضبوط ڪنداسين. هن چيو ته اسان آصفه ڀٽو جتان اليڪشن وڙهڻ چاهي وڙهي سگهي ٿي، هوءَ مضبوط اميدوار آهي.
هن چيو ته مون تي ڪيس ته ڪو به ختم ناهي ٿيو، 14 سال پراڻا ڪيس ختم ٿي ويا، عمران خان جي مهرباني سان نوان ڪيس ٺاهيا ويا آهن، سياستدانن تي ڪرپشن جي الزام جي سوال تي هن چيو ته ميڊيا تي اسان جي جنگ ڪرائي ويندي آهي.اسان جي حڪومت آئي ته پارٽي مان ئي ناڻي وزير مقرر ڪيو ويندو، حفيظ شيخ اسان تي نازل ڪيو ويو هو. پي ٽي آءِ جي اسان ايترو خلاف ناهيون، رڳو هڪ شخص جي خلاف آهيون.هن اليڪشن ۾ پ پ چڱو ڀلو سرپرائز ڏيندي.هن چيو ته اسان ايم ڪيو ايم کي گورنرشپ، وزارتون ،ترقياتي رٿائون ڏنيون، واعدا پورا نه ٿيڻ واري سوال تي هن چيو ته انهن جي چوڻ سان ڇا ٿو ٿئي، سنڌ ۾ گورنر هينئر ڪنهن جو آهي؟ ايم ڪيو ايم نه پهرين گڏ هئي نه هاڻي گڏ آهي، باپ اڳواڻن جي ن ليگ ۾ شموليت تي هن چيو ته ڪجهه دوستن جون مجبوريون آهن، کين لڳي ٿو ته پروٽيڪشن ملندي، هن چيو ته مون ڪڏهن انتقامي سياست ناهي ڪئي. هن چيو ته ڊبل گيم ڇا ٿيندي آهي، هي سياست آهي،هن چيو ته مان اڄ به چوان ٿو ته محسن نقوي اسان جو پٽ آهي، ڪا به پارٽي 172 جي اڪثريت نٿي کڻي سگهي.
اڳوڻي صدر جو انٽرويو ملڪي سياست جي موجود ۽ مستقبل جي جڙندڙ خاڪي کي ڪنھن حد تائين چٽو ڪري ٿو.ھن ھڪ گھڻي ميچوئر سياستدان جيان ڪيترويون ئي اھڙيون ڳالھيون ڪيون آھن جيڪي عملي محسوس ٿي رھيو آھن پر ڪي ڳالھيون اچرج ۾ وجنھندڙ پڻ آھن.مثال طور اھا ڳالھه سمجهھ کان مٿاھين آھي تھ پيپلزپارٽي پڻ چونڊن ۾ سرپرائز ڏيندي،عين ممڪن آھي تھ ڪي ڌريون ان جو مطلب اھو اخذ ڪن، تھ ڪي معاملا اندروني طور ھلي رھيا آھن.
ايندڙ گڏيل حڪومت هوندي اھو تھ سمجهھ ۾ اچي ٿو پر ان سان گڏ ھن اھو بھ چٽو اشارو ڏنو آھي تھ ان ۾ مسلم ليگ ن، پيپلزپارٽي سان نھ ھلي سگھندي.اڳوڻي صدر آصف زرداري جي انٽرويو ۾ سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ملوث ھئڻ جا پڻ ڪيترائي اشارا ملن ٿا.
سياست اڻ ٿيڻي جي ٿيڻي جو نالو آھي.اھو ممڪنات جو نالو پڻ آھي.ٿيڻ ڪري تھ ڪجھھ بھ ٿي سگھي ٿو.اصل ڳالھه سمورين سياسي ڌرين کي گڏجي ڪري سول سسٽم کي سگھاري ڪرڻ جي ضرورت آھي.پر سياسي ڌريون جڏھن پنھنجي ليکي جدا جدا طريقي سان اسٽيبلشمنيٽ سان معاملا طئي ڪن ٿا تھ ان جو ملڪ توڻي عوام کي پورائي نھ ٿي سگھڻ جھڙو نقصان ٿئي ٿو.
اڳوڻي صدر جي سموري انٽرويو ۾ اھڙي ڪنھن سياسي اتحاد جي ڳالھھ نظر نٿي اچي. بھتر ھو تھ ھڪ وڏي پارٽي جو اڳواڻ ٻين ڌرين کي بھ گڏجي سول سسٽم کي سگھاري ڪرڻ جي ڳالھھ بھ ڪري ھا.جيڪو ھن وقت سياست جو اصل مسئلو آھي.