شاهه لطيف جي شاعريءَ تي تحقيق جي حوالي سان تنوير عباسيءَ جو تحقيقي ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعري“ پهريون ڀيرو 1976ع ۾ ڇپيو. جنهن بعد 1984ع، 1989ع، 1995ع ۽ 2000ع ۾ ان جا پهريان پنج ڇاپا پڌرا ٿيا. ان بعد اهو ڪتاب اڄ تائين مسلسل ڇپبو رهي ٿو. هن ڪتاب ۾ ڪل 12 مقالا شامل آهن. هي ڪتاب 1976ع ۾ جڏهن پهريون ڀيرو شايع ٿيو هو، ته ان وقت هن ڪتاب ۾ فقط 4 مقالا شامل هئا. 1984ع ۾ هن ڪتاب جي ٻئي ڇاپي ۾ ليکڪ ان ۾ 3 ٻيا مقالا به شامل ڪيا. جڏهن ته ٽئين ڇاپي ۾ مصنفَ هن ڪتاب ۾ 5 وڌيڪ مقالا شامل ڪيا. يعني ليکڪ جي زندگيءَ تائين ڪتاب جي هر ڇاپي ۾ هي ڪتاب واڌارن ۽ سڌارن سان شايع ٿيندو رهيو. هن وقت هن ڪتاب ۾ ڪل 12 تحقيقي مقالا شامل آهن.
سنڌ جي ادبي حلقن ۾ ڀٽائيءَ جي ڪلام جي هن اڀياس کي تمام گھڻو پسند ڪيو ويو. هن ڪتابَ شاهه لطيف جي ڪلام ۽ پيغام کي هڪ نئين نظر سان پرکڻ ۽ پروڙڻ جي روايت جو بنياد وڌو. ان جو هڪ سبب اهو به هو ته اهو ڀٽائيءَ جو پهريون اڀياس هو، جيڪو هڪ ”شاعرَ شارحَ“ پاران ڪيو ويو. ڇو ته تنوير کان اڳ ۽ پوءِ وارن شاهه لطيف جي شرح ڪندڙن ۾ ٻيو ڪوبه ”شاعر ــ شارح“ ڪونهي.
هن ڪتاب ۾ شامل مقالن جا عنوان هي آهن:
(1) شاهه لطيف جي شاعريءَ جو ادبي پسمنظر (2) شاهه لطيف جي شاعريءَ جوسياسي ۽ سماجي پسمنظر (3) شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سماجي ۽ اخلاقي قدر (4) شاهه لطيف جِي عوامي شاعري (5) شاهه لطيف جي شاعريءَ جي موسيقي (6) شاهه لطيف جي عڪسي شاعري (7) شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ رنگن جو اڀياس (8) شاهه لطيف جي اُهڃاڻي شاعري (9) شاهه لطيف جا سورما ۽ سورميون (10) شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ زورائتو اُچار (11) ساڄن، سُونهن، سُرت (12) سُر گھاتوءَ جو اڀياس
اچو ته انهن مقالن جو مختصر ريت جائزو وٺون:
1 ــ شاهه لطيف جي شاعريءَ جو ادبي پسمنظر: ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ اصلاح به آهي ته رهنمائي به. ان ۾ تمثيل ۽ قصه گوئي به آهي ته ڪردار نگاري ۽ علامت نگاري به. مطلب ته ان ۾ عام مطالعاتي خوبين سان گڏوگڏ سمورا ادبي لوازمات به موجود آهن. هن مقالي ۾ شاهه جي شاعريءَ جي ادبي پسمنظر جو اڀياس ڪيو ويو آهي ۽ سندس شاعريءَ ۾ هُن کان اڳ وارن شاعرن جي شاعريءَ ۾ موجود چئن ڌارائن (مذهبي ڌارا، مقامي ڌارا، فارسي ڌارا ۽ ننڍي کنڊ جي مُروج ادبي ڌارا) سان سندس ڪلام جي تعلق جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. ان سان گڏوگڏ شاهه جي شاعريءَ مٿان هن کان اڳ وارن جن جن شاعرن جو سِڌيءَ يا اڻ سِڌيءَ طرح جيڪو اثر موجود آهي، ان جو پڻ اڀياس ڪيو ويو آهي.
2 ــ شاهه لطيف جي شاعريءَ جوسياسي ۽ سماجي پسمنظر: شاهه لطيف جي پيدائش ارغون ترخان دؤر ۾ ٿي ۽ هو جوان ڪلهوڙا دؤر ۾ ٿيو. هر دؤرَ جي سياسي ۽ سماجي حالتن جو اثر ان دؤر ۾ رهندڙ ماڻهن تي ضرور ٿيندو آهي، جيڪو ڀٽائيءَ تي به ٿيو. ڀٽائيءَ، پنهنجي جوان ٿيندي ارغون ترخان دؤر جي جيڪا سياسي ڇڪتاڻ ڏٺي ۽ پوءِ ڪلهوڙن کي تخت تي ويهندي ڏٺو ۽ انهن جي هوندي دهليءَ جي وڏي تخت تي مغلن کي ويٺل ڏٺو، ان جا اثر ان سماج تي به گهرا هئا، جنهن ۾ ڀٽائي رهيو ٿي. ان جو اظهار هن پنهنجي ڪلام ۾ مختلف جاين تي ڪيو آهي. انڪري سندس شاعري پنهنجي دؤر جي سياسي ۽ سماجي حالتن جي منظوم تاريخ به آهي. هن مقالي ۾ اهڙن بيتن جو اڀياس ڏنل آهي، جيڪي لطيف جي دؤر جي سياسي ۽ سماجي حالتن جي عڪاسي ڪن ٿا.
3 ــ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سماجي ۽ اخلاقي قدرَ: هن مقالي ۾ ڀٽائيءَ جي ڪلام جي اڀياس دؤران اهڙن بيتن جو ذڪر آندل آهي، جن ۾ مذهبي اخلاقي قدرن، سماجي اخلاقي قدرن، ذات پات جي فرق جي نندا جي تلقين سان گڏوگڏ بدلجندڙ قدرن جي شڪايت جو ذڪر پڻ آهي. مثال طور: ”هُو جِھيڻينِ، تُون جَھڪو ٿي، پانديءَ ڳچيءَ ڳل پاءِ!“ ۽ ”نمي کمي نهار، ڏمر وڏو ڏُک“ جهڙن بيتن ۾ محبتي رشتن کي بچائڻ لاءِ پنهنجي انا کي قربان ڪرڻ جو درس يا ”لِيلائي مَ لهين تان پڻ ليلائيج“ جهڙن بيتن ۾ مسلسل جدوجهد جي صلاح ڏنل آهي ته ”ميرو ئي محبوب، اسان مارُو منَ ۾“ جهڙن بيتن ۾ هر حال ۾ محبت جي نباهه جي تلقين ۽ اخلاقي قدرن جي اپٽار آهي.
4 ــ شاهه لطيف جي عوامي شاعري: ڀٽائي، هڪ عالِم کان وٺي عام ماڻهوءَ تائين هر دؤر جي هر نسل ۽ هر طبقي سان تعلق رکندڙ لوڪ جو شاعر آهي.
تنوير عباسيءَ پنهنجي هن مقالي ۾ انهن بيتن جو اڀياس ڏنو آهي، جيڪي عام فهم ۽ عوامي آهن. ان کانسواءِ شاهه جي ڪلام ۾ جتي جتي ۽ جيئن جيئن عام ماڻهن جي زندگيءَ جو عڪس شامل آهي، ان جو ذڪر پڻ هن مقالي ۾ ڏنو ويو آهي، ته سندس ڪلام ۾ موجود عوامي ڪردارن جو اڀياس به هن مقالي جو حصو آهي.
5 ــ شاهه لطيف جي شاعريءَ جي موسيقي: شاهه جي شاعري سڄي موسيقيءَ تي آڌاريل آهي. انڪري ئي سندس هر باب کي ”سُر“ سڏي ان کي ڪنهن نه ڪنهن راڳ يا راڳڻيءَ سان سلهاڙيو ويو آهي. هن مقالي ۾ شاهه جي ڪلام ۾ ان موسيقيت جو اڀياس ڪيو ويو آهي ته ڪهڙو سُر چَوندي، ڀٽائيءَ سنگيت جي ڪهڙي اصول کي نظر ۾ رکيو آهي. ان سان گڏوگڏ محققَ، هن مقالي ۾ ڀٽائيءَ جي مختلف بيتن ۾ موجود موسيقيت جي نشاندهي ڪئي آهي، جن کي پڙهڻ سان بنا ڳائڻ يا جھونگارڻ جي به سٽ اندر سنگيت ۽ موسيقيت محسوس ٿئي ٿي.
6 ــ شاهه لطيف جي عڪسي شاعري: جيئن ڪا تصويرَ، ڪنهن ماحول کي ظاهر ڪندي آهي، تيئن شاعريءَ ۾ شاعرَ ڪنهن منظر کي لفظن رستي بيان ڪرڻ جو هنر رکندا آهن. شاعراڻا عڪس تصويرون ناهن هوندا، پر اهو شاعر پاران تصويرن يا ڪنهن منظر کي پيش ڪرڻ جو ڏانءٌ ضرور هوندا آهن. انڪري کوڙ شعر پڙهي اوهانکي اهو منظر اکين آڏو حرڪت ڪندي نظر ايندو آهي. هن مقالي ۾ محققَ، ڀٽائيءَ جي اهڙن کوڙ سارن بيتن جو اڀياس ڪيو آهي، جن ۾ اهڙن منظرن جا عڪس موجود آهن. شاعرَ اهڙن بيتن کي ”شاهه لطيف جي عڪسي شاعري“ ڪوٺيو آهي. مثال طور، هيءَ وائي: ”کڏُون کُوٻا، چِڪَ چِڪنديُون، ٿا ڪين نئي نهار… ترڪڻ آهي تڙ ۾ الا!“ يا ”هي گَسِي، هُو گَسُ، هُو پهڻ هُو پيچرو“ وغيره.
7 ــ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ رنگن جو اڀياس: ڀٽائي پنهنجي پوري ڪلام ۾ رنگن جو ذڪر مختلف ڪيفيتن جي اظهار طور ڪيو آهي. هن مختلف رنگن کي ڏُکَ، خوشيءَ، ڪاوڙ، اميد، نااميديءَ يا حيرت وغيره جهڙين ڪيفيتن جي اظهار لاءِ استعمال ڪيو آهي. مثال طور: ڪيڏاري جي هڪ بيت ۾ آهي: ”ڪارا رڱج ڪپڙا، ادا نيروٽي“ (هن بيت ۾ ڪارو رنگ ڏک جي علامت طور استعمال ٿيو آهي). يا هڪ ٻيو بيت آهي:
”سرمو سفيديءَ جو جڏهن پاتو جن،
تڏهن ڏٺي تن، اڇائِي عالم جي“
(هن بيت ۾ اڇو رنگ ۽ ان جي سفيدي مثبت سوچ جي علامت طور استعمال ٿيل آهي)
هن مقالي ۾ تنوير عباسيءَ لطيف جي شاعريءَ ۾ اهڙن بيتن جي نشاندهي ڪئي آهي، جن ۾ مختلف بيتن ۾ مختلف رنگن جو ذڪر ڪري، مختلف انساني ڪيفيتن کي ظاهر ڪيو ويو آهي.
8 ــ شاهه لطيف جي اُهڃاڻي شاعري: شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ مختلف لفظن، اصطلاحن توڙي اظهار کي ”اهڃاڻ“ طور استعمال ڪيو آهي. مثال طور: ڪلياڻ ۾ ”سُوريءَ سڏُ ڪيو، ڪا هلندي جيڏيون“ ۾ ”سُوري“ لفظ ”مقصد“ ۽ ”مقصد لاءِ موت جي حد تائين وڃڻ“ جي اهڃاڻ طور استعمال ڪيو ويو آهي، يا ”اگھيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي“ جهڙن بيتن کي ظاهري معنيٰ ۾ نه پڙهبو ۽ ”ڪچَ“ کي ڪُوڙ ۽ فريب ۽ ”ماڻڪن يا موتين جِي موٽ ٿيڻ“ کي سچِي شئي جو قدر نه ٿيڻ جي علامت طور پڙهبو.
مصنفَ هن مقالي ۾ ڀٽائيءَ جي اهڙن ڪيترن ئي بيتن جو اڀياس ڪيو آهي، جن ۾ ڀٽائيءَ لفظن ۽ اظهار کي ان جي ظاهري معنيٰ کان هٽي ڪري، اهڃاڻ طور استعمال ڪيو آهي.
9 ــ شاهه لطيف جا سورما ۽ سورميُون: عام طور تي رڳو ڀٽائيءَ جي 7 مُک سورمين جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. پر ڀٽائيءَ انهن 7 سُورمين کان علاوه به ڪئين سُورمين جو ذڪر پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو آهي. جيئن ”سُر مُومل راڻي“ ۾ مُومل جي ڀيڻ ”سُوملَ“ ته ”سُر يمن ڪلياڻ“ ۾ مَتارن کي وحدت جِي مڌ پيئاريندڙ ”موکي“. اهڙيءَ ريت ڀٽائيءَ کوڙ سارن مرد هيروز (سُورمن) جو ذڪر به ڪيو آهي. مثال طور: جادم جکرو، لاکو ڦُلاڻي، مورڙو ميربحر، ابڙو وڏَ وڙو، مولانا جلال الدين رُومي ۽ ڪيڏاري ۾ ذڪر آيل حضرت عليءَ جو اولاد ــ حضرت امام حسن ۽ امام حسين وغيره. هن مقالي ۾ محققَ، اهڙن سُورمن ۽ سُورمين وارن بيتن جو اڀياس ڪيو آهي، جن جو ذڪر ڀٽائيءَ پنهنجي مختلف سُرن ۾ ڪيو آهي.
10 ــ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ زورائتو اُچار: هن مضمون نُما مقالي ۾ شاهه لطيف جي ٻن شروعات سُرن ”ڪلياڻ“ ۽ ”يمن ڪلياڻ“ ۾ اهڙن لفظن وارن بيتن جو اڀياس ڪيو ويو آهي، جن ۾ ڀٽائيءَ زورائتا اُچار استعمال ڪيا آهن.
زورائتي اُچار وارا لفظ اهي هوندا آهن، جيڪي بنيادي طور پنهنجي جوهر ۾ زور ڏئي ڳالهائجڻ وارا ناهن هوندا، پر انهن کي ضرورت آهر، اظهار جي گھرج مطابق جملي ۾ زور ڏئي ادا ڪيو ويندو آهي. ليکڪ ذڪر ڪيل ٻن سُرن ۾ اهڙن زورائتن اُچارن وارن لفظن جي بيتن ۾ استعمال ۽ انهن جي اظهاري گھرجَ جي جي نشاندهي ڪئي آهي.
11 ــ ساڄن، سُونهن، سُرت: ڀٽائيءَ انسان لاءِ محبوب ۽ محبت جي هجڻ کي هنن ٽنهي وَٿن سان لازمي قرار ڏنو آهي. ”ساڄن“ يا ساجن (محبوب) ۾ سُونهن ۽ ڏاهپ ٻنهي جو هجڻ لازمي قرار ڏنو اٿس. گڏوگڏ ڀٽائيءَ ”هِتان کڻي هُت، جن رکيو سي رسيُون“ واري اصول تحت زندگيءَ ۾ اڳتي وڌندو رهڻ کي به ضروري قرار ڏنو آهي. ڪتاب جي مصنفَ، هن مقالي ۾ انسان لاءِ ڏاهَي ۽ سونهن واري محبوب جو هجڻ لازمي قرار ڏيڻ وارن شاهه جي بيتن جي اڀياس سان گڏوگڏ، اهڙن بيتن جو مطالعو به ڪيو آهي، جنهن ۾ زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ ۽ نئين کان نوان تجربا ڪرڻ جو درس ملي ٿو.
12 ــ سُر گھاتو جو اڀياس: سُر گھاتو شاهه جي رسالي جو ننڍي ۾ ننڍو سُر آهي. جنهن ۾ ڪلاچيءَ جي ڪُنَ ۾ مورڙي ميربحر جي بهادريءَ جو قصو بيان ٿيل آهي. 16هين صدي عيسويءَ جي ٻُڌايل هن داستان کي ڀٽائيءَ کان اڳ سواءِ شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي ٻيو ڪنهن به ڪونهي ڳايو. شاهه ڪريم به فقط ٻن بيتن ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي. لطيف اهو پهريون شاعر هو، جنهن مورڙي جي هن ڳالھه کي داستان جو درجو ڏئي ان تي سڄي جو سڄو سُر چيو آهي. هن مختصر سُر تي مصنف جو مقالو به مختصر آهي، جنهن ۾ هن ڀٽائيءَ جي بيتن جي روشنيءَ ۾ هن داستان جو جوهر ۽ پيغام بيان ڪيو آهي، جيڪو اهو آهي ته ”ڏاهپ، معذوريءَ کي به مات ڏئي سگھي ٿي ۽ دانائيءَ سان هر مشڪل ڪم به سولائيءَ سان انجام ڏئي سگھجي ٿو.“
◙