پاڪستان جي مختلف تعليمي ادارن مان بلوچ شاگردن جي جبري گمشدگين ۽ ٻين الزامن بابت قائم ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته سيڪيورٽي ادارن پاران ترديد ڪرڻ جي باوجود زباني ۽ تحريري ثبوت موجود آهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ انٽيليجنس ايجنسيون بلوچ شاگردن جي غائب ڪرڻ ۾ ملوث آهن.پاڪستان جا سيڪيورٽي ادارا انهن الزامن جي ترديد ڪندا رهيا آهن ۽ انھن جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن جا خاندان ئي جبري گمشدگي جا ڪيس داخل ڪندا آهن.سيڪيورٽي ادارا بلوچ شاگردن جي گمشدگي ۽ تعليمي ادارن ۾ سندن ’پروفائيلنگ’ ڪرڻ جي به ترديد ڪندا رهيا آهن.ڪميشن پنهنجي رپورٽ هن سال فيبروري ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي هئي. پر اها رپورٽ منظرعام نه اچي نه سگهي ھئي.
ڪميشن جي رپورٽ 500 صفحن تي ٻڌل آهي. وائس آف آمريڪا وٽ موجود ان رپورٽ جي فائنڊنگ جي شروعات ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن کي ان ڳالھه تي ڳڻتي آهي ته بلوچ شاگردن جي نسلي پروفائلنگ، ھيسائڻ ۽ جبري گمشدگيون اهڙي طرح ڪيون ويون، جو ڪجهه شاگردن کي حراست ۾ رکيو ويو يا انھن کي گرفتار يا اغوا ڪيو ويو.
اربع ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪميشن جي رپورٽ پيش ڪئي وئي جنھن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ عدالت ھڪ ھفتي دوران 55 گمشده شاگردن جي بازياب نه ٿيڻ سبب نگران وزيراعظم ، گهرو وزير ۽ وزيراطلاعات کي عدالت ۾ گھرائي ورتو آھي.ايڊيشنل اٽارني جنرل طرفان وزيراعظم کي طلب نه ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي، جنهن کي جسٽس محسن اختر ڪياني رد ڪري ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس اطهر من الله بلوچ شاگردن جي گمشدگي بابت ايڊووڪيٽ ايمان مزاري جي درخواست تي ڪميشن قائم ڪئي ھئي. بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير کي ڪميشن جي سربراھي ڏني وئي ھئي.
ان ڪميشن جي ٻين ميمبرن ۾ سيڪريٽري داخله يوسف نسيم کوکر، سيڪريٽري انساني حقن واري وزارت علي رضا ڀٽا، ناصر محمود کوسا، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ، افراسياب خٽڪ، پروفيسر ڊاڪٽر اسما فيض، سينيٽر مشاهد حسين سيد، اسد عمر ۽ سينيٽر رضا رباني شامل هئا.
ڪميشن جي سربراھ اختر مينگل، سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو وزيراعظم ۽ ٻين عملدارن کي طلب ڪرڻ جو حڪم بلوچ عوام لاءِ انتهائي اهميت وارو آهي.سندس چوڻ هو ته ڪميشن فيبروري ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي. پاڪستان جي عدالت کي بلوچستان جي عوام کي انصاف ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
ڪميشن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بلوچ شاگردن کي هيسائڻ، نسلي پروفائلنگ ۽ جبري گمشدگيون بلوچستان ۾ نيشنل سيڪيورٽي جي نالي تي آپريشن سبب ٿيون آھن. اهو آپريشن ڪيترن ئي سالن کان جاري آهي. هن آپريشن جي متاثرن ۾ عورتون، ٻار، بزرگ، سياسي ڪارڪن، صحافي، استاد، شاگرد، ڊاڪٽر، وڪيل، شاعر ۽ اديب شامل آهن.ڪميشن موجب بلوچ شاگردن جي جبري گمشدگي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ خاص ڪري آرٽيڪل 55 جي ڀڃڪڙي آهي، جنھن ۾ عالمي سطح تي بنيادي انساني حقن ۽ آزادين کي تحفظ ڏنو ويو آھي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارن پاران غير ضروري طور تي ان ترديد ڪرڻ ۾ اجايو وقت وڃايو آھي ته اهي بلوچ شاگردن کي ھيسائڻ ۽ انھن جي جبري گمشدگين ۾ ملوث نه آهن.
حقيقت ۾ بلوچ شاگردن جي جبري گمشدگي ئي گم ٿيل سڀني ماڻهن جي مسئلي جو حصو آهي، جيستائين بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو حل نه ٿيندو، تيسيتائين ڪميشن کي يقين آهي ته مسنگ اسٽوڊ نٽس جا ڪيس وقت بوقت منظر عام تي ايندا رهندا.اختيارين جي دعويٰ رھي آھي ته بلوچستان ۾ سيڪيورٽي ادارا ڪافي عرصي کان شدت پسندي، انتهاپسندي ۽ هٿياربند مزاحمت کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ حڪومتي رٽ کي چيلينج ڪيو پيو وڃي. ان صورتحال کي رياست مخالف ڌريون استعمال ڪري رهيون آهن ۽ جنھن سبب نوجوان ۽ شاگرد به متاثر ٿي رھيا آھن.
ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته بلوچستان جي مسئلي جو بنيادي سبب وفاق ۽ جمهوري نظام جي ڪمزوري آهي ۽ ان بدران حب الوطني ۽ قومي مفاد جي نالي تي غير آئيني نظام کي اوليت ڏني پئي وڃي. بلوچستان جي حقيقي قيادت کي سياسي عمل کان پري رکيو وڃي ٿو، جنهن ڪري سياسي سماجي رابطن جي کوٽ ۽ حڪمرانن خلاف بداعتمادي سامھون اچي ٿي. صوبائي اختيارين ۽ مقامي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ڪردار محدود ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ اختيار وفاقي ادارن کي ڏنا ويا آهن.
رپورٽ موجب بلوچستان ۾ تعليمي ادارا سخت مالي بحران جو شڪار آهن ۽ سمورن 11 اعليٰ تعليمي ادارن کي ايڇ اي سي طرفان محدود مالي مدد فراهم ڪئي پئي وڃي. سڄي ملڪ جي تعليمي ادارن ۽ انهن جي انتظاميا طرفان بلوچ شاگردن کي قبول نه ٿو ڪيو وڃي. تعليمي نصاب ۾ بلوچ ثقافت ۽ تاريخ کي جاءِ نه ٿي ڏني وڃي، جنهن سبب سڄي ملڪ ۾ اجتماعيت کي ھٿي نه ٿي ملي.
رپورٽ موجب چونڊيل شاگرد يونينون نه هجڻ، غير نصابي سرگرمين ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي پابنديون ھئڻ سبب شاگردن ۾ سياسي شعور بدران خوف پيدا ٿي رهيو آهي.ڪميشن جو چوڻ آھي ته اڪثر سرڪاري ۽ پرائيويٽ تعليمي ادارن ۾ نه ئي صلاحيت آهي ۽ نه ئي اھا خواھش آھي ته اھي نسلي پروفائيلنگ ۽ بلوچ شاگردن جي جبري گمشدگين تي قابو پائين. جڏهن اهڙا واقعا ٿين ٿا ته تعليمي ادارن جي اختيارين جو ڪردارصرف آفيشل رپورٽنگ ۽ رسمي ڪارروائين تائين محدود ھوندوآھي.ڪميشن جو رپورٽ ۾ وڌيڪ چوڻ ھئو ته شاگردن،استادن ۽ انتظاميه سان ملاقاتن دوران اھا ڳالھه سامھون آئي ته انھن تعليمي ادارن، خاص طور تي يونيورسٽي آف بلوچستان ۾ ويڳاڻپ ڏينھون ڏينھن وڌندي پئي وڃي ۽ بلوچ شاگرد سياسي ۽ فوجي جهڳڙن ۾ ڦاسجي ويا آهن، جنهن سبب سندن تعليمي زندگي متاثر ٿي رهي آهي.
ڪميشن رپورٽ ۾ چيو آهي ته جيڪي گم ٿيل شاگرد واپس آيا ته اھي ذهني ۽ جسماني تشدد جو نشانو بڻيل ھئا. انهن سان غير انساني ورتاءُ ڪيو ويو ھئو جنهن جي اذيت کي انهن ۽ سندن خاندانن کي سڄي عمر منهن ڏيڻو پوندو. ان حوالي سان حڪومت پاران سندن زخمن تي مرهم رکڻ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو ويو آهي. انهن ماڻهن جي بحالي يا انهن جي خاندانن کي ڪنهن به قسم جو معاوضو ادا ڪرڻ جو ڪو به طريقو موجود ناهي. بلوچستان يونيورسٽي مان 2021ع ۾ گم ٿيل ٻه شاگرد اڄ تائين بازياب نه ٿي سگهيا آهن.ڪميشن جي رپورٽ موجب انساني حقن بابت قومي ڪميشن به ان حوالي سان ڪو ڪردار ادا نه ڪيو. اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ وزارت داخله ، دفاع، انساني حق، جبري طور گمشده فردن لاءِ جوڙيل ڪميشن، متاثر خاندانن ۽ شاگرد تنظيمن کي گڏجي مڪمل ڊيٽا تيار ڪرڻ گهرجي ها ته جيئن سڀني ادارن وٽ هر شاگرد جي مڪمل تفصيل موجود هجي.
ڪميشن موجب قانون تي عمل درآمد نه ٿيڻ سبب بلوچ شاگردن ۽ عوام جي پروفائيلنگ ۽ جبري گمشدگين جو سلسلواڃا به جاري آهي. پاڪستان پينل ڪوڊ ۾ اغوا، غير قانوني حراست بابت قانون ته موجود آهن پر جبري گمشدگي بابت ڪو به قانون ناهي.ڪميشن جو چوڻ آهي ته جبري گمشدگين جو شڪار ٿيل خاندانن جا مالي وسيلا محدود ھوندا آهن ۽ اهي سخت ڏکين حالتن ۾ ڪيترن ئي سالن کان ڪوئيٽا ۾ ڌرڻا ڏئي رھيا آهن.پر ان معاملي تي حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارن جو ردعمل مايوس ڪندڙ آهي. متاثرن جي وارثن لاءِ بلوچستان جي ڏورانهن علائقن کان ڪوئيٽا اچي پنهنجي شڪايت داخل ڪرڻ مالي طور ڏکيو عمل آهي.گم ٿيل ماڻهن جي معاملن ۾ جمع ڪرايل ڪيتريون ئي رپورٽون اڄ تائين منظر عام تي نه اچي سگهيون آهن. ڪميشن خضدار جي علائقي توتڪ ۾ اجتماعي قبرن بابت رپورٽ طلب ڪئي هئي، جيڪا ھن رپورٽ جمع ڪرائڻ تائين ڪميشن کي ملي نه آھي.
ڪميشن موجب سندس ميمبرن سدرن ڪمانڊ جي ڪور ڪمانڊر سان ملاقات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر بار بار ڪوششن باوجود ملاقات نه ٿي سگهي. افسوس جي اھا ڳالھه آهي ته ان ڪميشن جي ڪم ڪرڻ دوران به بلوچ شاگردن ۽ عام ماڻهن جي گمشدگين جو سلسلو جاري رهيو.پنهنجي فائنڊنگ رپورٽ جي پڄاڻي واري نقطي ۾ ڪميشن چيو آهي ته بلوچ شاگردن جي نسلي پروفائيلنگ ۽ جبري گمشدگين جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سياسي ۽ سماجي سڌارن جي ضرورت آهي. هن مسئلي کي سياسي عمل بدران صرف فوجي طريقي سان حل ڪرڻ ممڪن ناهي.ڪميشن جون سفارشون ڪميشن 22 نقاطي سفارشون به عدالت ۾ جمع ڪرايون آهن، جن ۾ مسئلي جي حل لاءِ مختلف قدم کڻڻ جون صلاحون ڏنيون ويون آهن.
ڪميشن جو چوڻ آهي ته بلوچ شاگردن جي جبري گمشدگي ۽ پروفائلنگ کي قومي سلامتي جو مسئلو سمجھيو وڃي ۽ قومي سلامتي پاليسي موجب وزيراعظم پاران قومي سلامتي ڪميٽي آڏو پيش ڪيو وڃي. ڇو ته اها رياست جي ذميواري آهي ته هو ڪنهن به شهري جي آزادي ۽ زندگي جو تحفظ ڪري. جيڪڏهن ڪا رياستي ايجنسي ان جي بر خلاف ڪم ڪري ٿي ته اهو قابل قبول ناهي.اهو به تجويز ڪيو ويو آهي ته ان مسئلي کي ختم ڪرڻ لاءِ سچ ڳالهائيندي پارليامينٽ کي فيصلن جو مرڪز بڻايو وڃي ۽ اعتماد سازي جا قدم کنيا وڃن جنهن ۾ حڪومت، فوج ۽ لاڳاپيل ادارا فوري طور تي بلوچ شاگردن کي بازياب ڪرائين.
رپورٽ موجب گم ٿيل سمورن شاگردن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي. مستقبل ۾ جبري گمشدگين جو سلسلو بند ڪيو وڃي.تجويزن ۾ اھو به شامل آھي ته متاثرن جي خاندانن سان رابطو ڪيو وڃي. تعليمي ادارن خاص ڪري بلوچستان جي ادارن ۾ اسڪروٽني وارو عمل ختم ڪيو وڃي.سيڪيورٽي ٿريٽس کي منهن ڏيڻ لاءِ جبري گمشدگين بدران فيئر ٽرائل جو حق ڏنو وڃي.
ڪميشن تجويز ڏني آهي ته آئين جي دائري ۾ رهي جمهوري ماحول کي هٿي ڏني وڃي. وفاق جي مضبوطي لاءِ اهم فيصلن ۾ بلوچستان کي شامل ڪيو وڃي. آزاد ۽ منصفاڻي چونڊن ذريعي عوام جي حقيقي نمائندن کي مالي ۽ انتظامي اختيار ڏنا وڃن.رپورٽ موجب وفاقي حڪومت کي گهرجي ته سڪيورٽي ادارن جي ڪردار ۽ سندن احتساب لاءِ پارلياماني نگراني جو نظام قائم ڪري. سمورن سيڪيورٽي ادارن لاءِ اھو لازمي قرار ڏنو وڃي ته اهي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻ جا پابند رھندا.
تجويزن ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت حراستي مرڪزن بابت پاليسي ٺاهي ۽ ان کي قانون جي دائري ۾ آڻي. وزارت داخله بلوچ شاگردن ۽ گم ٿيل ماڻهن جو مڪمل ڊيٽابيس تيار ڪري. وفاقي حڪومت کي گهرجي ته عدالتي ۽ حڪومتي سطح تي هن وقت تائين قائم سمورين ڪميشنن ۽ ڪميٽين جون رپورٽون منظر عام تي آڻي.ڪميشن چيو آهي ته وفاقي حڪومت بلوچ شاگردن کي سڄي ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ بهتر تعليم جا موقعا فراهم ڪري ۽ ان سان گڏوگڏ انهن کي روزگار جا به ڪجهه موقعا پڻ فراهم ڪيا وڃن
ڪميشن جو چوڻ آهي ته بلوچ شاگردن جي جبري گمشدگي ۽ پروفائلنگ کي قومي سلامتي جو مسئلو سمجھيو وڃي ۽ قومي سلامتي پاليسي موجب وزيراعظم پاران قومي سلامتي ڪميٽي آڏو پيش ڪيو وڃي. ڇو ته اها رياست جي ذميواري آهي ته هو ڪنهن به شهري جي آزادي ۽ زندگي جو تحفظ ڪري. جيڪڏهن ڪا رياستي ايجنسي ان جي بر خلاف ڪم ڪري ٿي ته اهو قابل قبول ناهي.اهو به تجويز ڪيو ويو آهي ته ان مسئلي کي ختم ڪرڻ لاءِ سچ ڳالهائيندي پارليامينٽ کي فيصلن جو مرڪز بڻايو وڃي ۽ اعتماد سازي جا قدم کنيا وڃن جنهن ۾ حڪومت، فوج ۽ لاڳاپيل ادارا فوري طور تي بلوچ شاگردن کي بازياب ڪرائين.