عمران خان جي دوست هيس، هو اندر جو ٻيو آهي: اداڪارا حاجرا خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ۽ ماڊل حاجرا خان چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي عوام ۾ بيانيي ۽ نجي زندگي ۾ ٻٽو معيار هو، کيس عظيم سمجهيو ويو پر هو مختلف شخص هو.
اسلام آباد ۾ اداڪارا حاجرا خان جي ڪتاب جي مهورتي تقريب ٿي جنهن ۾ هن ڪتاب سان سلهاڙيل موضوع تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
سندس چوڻ هو ته منهنجو ڪتاب منهنجن تجربن تي ٻڌل آهي، آئون ڪو به ڪوڙ ناهي لکيو پر سچ لکيو آهي.
سندس چوڻ هو ته منهنجي عمران خان سان دوستي هئي، کيس عظيم سمجهيو ويو پر هو مختلف شخص هو، عمران خان جو عوام ۾ بيانيو ۽ نجي زندگي ۾ ٻٽو معيار هو.
حاجرا خان چيو ته ڪو ڪيترو به خوبصورت، هينڊسم يا وڻندڙ ڳالهيون ڪندو هجي ٻارڙين کي پاڻ کي بچائڻ گھرجي، زندگي ۾ ٻارڙين کي احساس ڪرڻ گھرجي ته کين ڪو به استعمال ڪري سگھي ٿو.
اداڪارا جو وڌيڪ چوڻ هو ته منهنجي پيءُ جو پي ٽي آءِ جوائن ڪرڻ مون لاءِ پڇتاءُ هو، هر انسان جي زندگي ۾ ظاهر ۽ باطن هڪ جهڙو هجڻ گھرجي، سياستدان بهترين اداڪار هوندا آهن اهي آرٽسٽ کان وڌيڪ بهتر اداڪاري ڪندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.