پ پ پ، ن ليگ ۽ ٻيٽو

تحرير: غلام حسين لغاري

ٻيٽي وارا جتوئي، نوان جتوئي وارا جتوئي ۽ شڪارپور جا جتوئي سنڌ ۽ پاڪستان جي سياست جا بادشاهه آهن سودو ڏسي واسي ڪندا آهن جيڪڏهن نقصان به پوندن پر سياست اصولن جي ڪندا آهن هروڀرو ڪنهن کي گاهه به نه وجهن۔هي شخصيتون نه پر حالتون ۽ هوا جو رخ ڏسڻ وارن مان آهن۔ن ليگ وٽ هن وقت سنڌ مان سياسي شخصيتون نه هئڻ برابر آهن ۽ ايندڙ چونڊن ۾ کين طاقتور اميدار گهرجن کي پنهنجو ووٽ بئنڪ هجي۔

اڃا ته ن ليگ کي ڪا مثبت مٽ ملي ناهي سگهي۔ن ليگ قيادت لاءِ  نوڪري داءُ تي لاڳائيندڙ اڳوڻو ڊي هي ايف آءِ اي به سياست ۾ نئون ۽ پهريون ڀيرو پير وڌو اٿس ان کي سنڌ ۾ پارٽي مضبوط ۽ سياسي چهرن جي پرک ڪرڻ ۾ وقت لڳندو۔سنڌ مان برک آبادگار اڳواڻ ۽ ن ليگ جو پراڻو اڳواڻ مير امان الله ٽالپر ساڻس گڏ ۽ ويجهو آهي جيڪو سياسي چهرن کي سڃاڻي اهو ئي سندس بهتر نموني رهنمائي ڪري سگهي ٿو ۽ ڪري رهيو آهي.

لياقت جتوئي لاءِ  متضاد اطلاع آهن ته هو هن ڀيري ڪهڙو ٿو سياسي فيصلو ڪري۔سنگت چوي ٿي ته ميان محمد نوازشريف کي هاڻ لياقت نٿو وڻي پر دادو ضلعي ۾ انجي متبادل ٻيو ڪو به ناهي. سنڌ جو وڏو وزير به ن ليگ بڻايس ۽ ان ئي تختو اونڌو ڪيو هوس جنهن کان پوءِ هو ن ليگ کان باغي ٿيو هو۔ ميان محمد نوازشريف جي مجبوري به ٿيندي ۽ کيس پارٽي ۾ آڻڻو پوندس جنهن لاءِ  شڪارپور جا جتوئي ۽ سومرا ميان صاحب کي شرط وڌندا آهن ته لياقت جتوئي کي ن ليگ ۾ شامل ڪيو وڃي۔اها الڳ ڳالهه آهي ته ميان صاحب اهو شرط نه مڃي۔جيڪڏهن لياقت جتوئي پارٽي ۾ اچي ٿو ته هن ڀيري پ پ پ مان به ڪجهه سياسي سڃاتل چهرا ن ليگ جو رخ ڪندا بلڪه ڪري رهيا به آهن.

اهي به اطلاع آهن ته پ پ پ جي قيادت ۽ هڪ حلقو لياقت  جتوئي کي پارٽي ۾ آڻڻ جي حق ۾ آهي جنهن لاءِ  هن راضپو به ڏيکاريو آهي۔ ڪجهه جو چوڻ آهي ته لياقت پنهنجي خواهش تي وڃڻ جو راضپو ڏيکاريو آهي پر پ پ پ جو مورثي جيالو سردار رفيق احمد جمالي سندس شموليت جو سخت مخالف آهي۔ميڊم فريال به سندس مخالف آهي ته لياقت جتوئي جي واپسي سان ميهڙ ۽ خيرپورناٿن شاهه سميت سڄي ضلعي جي ووٽ بئنڪ کي ڪاپاري ڌڪ لڳي سگهي ٿو ووٽر ورهائي ويندا۔جيڪڏهن پ پ پ يا ن ليگ کيس پنهنجو نه ڪيو ته لياقت جتوئي پي ٽي آء جي ٽڪيٽ بدران جي ڊي اي ۾ شامل ٿيڻ کي ترجيح  ڏيندو جو هن ڀيري جي ڊي اي کي ڪجهه وڌيڪ اهميت ملڻ جا امڪان آهن ۽ جي ڊي اي سان هم آهنگي به اٿس۽ اها به چاهي ٿي ته جتوئي ڀائر جي ڊي اي جو حصو بڻجي۔رئيس غلام مرتضي جتوئي به کيس جي ڊي اي ۾ شامل ٿيڻ جو چيو اٿس ۔

لياقت جتوئي ڪو به فيصلو پاڻ ناهي ڪندو، هم خيال سنگت سان مشورو ڪندو آهي مشورا به جاري و ساري آهن تنهنڪري هو فيصلو ايترو جلد به نه ڪندو ۽ نين چونڊن جي حقيقي وقت اچڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي

هن چئني تعلقن لاءِ  پنهنجي اميدوارن جي فهرست فائنل ڪري ورتي آهي جنهن ۾ جوهي تعلقي مان سردار امداد لغاري اميدوار هوندس جڏهن ته دادو مان پنهورن جو ڪو سردار ۽ خيرپور ميهڙ مان سندس ڀائر ۽ ٻيا سياسي سگهه رکندڙ هوندا جن جي نالن جو بعد ۾ اعلان ڪندو۔هونئن به هر چونڊن ۾ پنهنجا اميدوار مقابلي ۾ لاهيندو آهي

ايندڙ چونڊن ۾ ن ليگ کي ڪراچي بدين ٺٽي حيدرآباد ميرپورخاص سميت سنڌ جي مختلف ضلعن مان سگهه رکندڙ اميدوار ملي ويندا ۽ سنڌ ۾ پ پ پ ۽ ن ليگ جو ٽڪر وارو مقابلو ٿيندو۔ٺٽي جا شيرازي ميرپورخاص عمرڪوٽ مان ٽالپر سيد اڳ ۾ ئي تيار ٿيو ويٺا آهن,لاڙڪاڻي مان انڙ به ن ليگ جا اميدوار ٿيندا۔ن ليگ سنڌ جو نئون صدر بشير احمد ميمڻ سياسي ماڻهن سان سڌي ۽ اڻسڌي طرح رابطا ڪري رهيو آهي کيس ڪاميابي ملي پئي۔هڪ ڳالهه جو ميمڻ صاحب کي احتياط ڪرڻو پوندو ته ڪو عوام دشمن پارٽي جو برقعو پائي نه سگهي۔

 

لياقت جتوئي لاءِ  متضاد اطلاع آهن ته هو هن ڀيري ڪهڙو ٿو سياسي فيصلو ڪري۔سنگت چوي ٿي ته ميان محمد نوازشريف کي هاڻ لياقت نٿو وڻي پر دادو ضلعي ۾ انجي متبادل ٻيو ڪو به ناهي. سنڌ جو وڏو وزير به ن ليگ بڻايس ۽ ان ئي تختو اونڌو ڪيو هوس جنهن کان پوءِ هو ن ليگ کان باغي ٿيو هو۔ ميان محمد نوازشريف جي مجبوري به ٿيندي ۽ کيس پارٽي ۾ آڻڻو پوندس جنهن لاءِ  شڪارپور جا جتوئي ۽ سومرا ميان صاحب کي شرط وڌندا آهن ته لياقت جتوئي کي ن ليگ ۾ شامل ڪيو وڃي۔اها الڳ ڳالهه آهي ته ميان صاحب اهو شرط نه مڃي۔جيڪڏهن لياقت جتوئي پارٽي ۾ اچي ٿو ته هن ڀيري پ پ پ مان به ڪجهه سياسي سڃاتل چهرا ن ليگ جو رخ ڪندا بلڪه ڪري رهيا به آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.