عورتن سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ زيادتين جا نوان واقعا روز اخبارن جي زينت بڻيل آهن. ڪٿي ان کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو پيو وڃي ته ڪنھن گھر ۾ مڙس ھٿان ڳلو ڪپي ماريو ٿو وڃي ته ڪٿي ڪنھن آفس توڙي اداري اندر سندس جي مقدس پوتي کي پليت ڪرڻ ۾ ڪا به گنجائش ناھي ڇڏي وئي.
عورت سان ظلم جي ابتدا ان جي جنم ڏينهن کان، پٽ کان گھٽ اھميت ڏئي شروع ٿئي ٿي ويندي ان جي مرڻ گھڙيءَ تائين جاري رھي ٿو. ننڍي عمر ۾ تعليم جھڙي زيور کان آجو رکي ۽ پڙھڻ لکڻ جي عمر ۾ ھن جي شادي ڪرائي ٿي وڃي جنھن جا خراب اثر ھو پاڻ سميت پنھجي اولاد سان گڏ برداشت ڪري ٿي. گھرو تشدد کان وٺي ذھني تشدد ھجي يا صنفي تشدد، ھڪ عورت کي مرداڻي معاشري ۾ ڪيترن ئي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئي ٿو.
عورتن تي ٿيندڙ تشدد کي روڪڻ لاءِ 25 ڊسمبر تي ”عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي روڪ ٿام جو عالمي ڏينهن“ملھايو ويندو آهي.ھي ڏينھن 1981ع کان وٺي عورت جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ متحرڪ ماڻھن طرفان ” صنفي تشدد جو خاتمي وارو ڏينهن“ ڪري ملھايو ويندو ھيو. ھن تاريخ چونڊڻ جو مقصد ڊومينيڪن ريپبلڪ جي ان ٽن سياسي سرگرم ڀيڻن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ چونڊيو ويو جنھن کي ان ملڪ جي بادشاهه جي حڪم موجب 1960ع ۾ کين بي رحم موت جو نشانو بڻايو ويو.
نيٺ 7 فيبروري 2000ع ۾ اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ م ڪرارداد پاس ڪري ھن ڏينهن کي، ”عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي خاتمي جو عالمي ڏينهن“ ڪري ملھائڻ شروع ڪيو جيڪو ھر سال 25 نومبر تي عورت جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ادارن کي گڏ ڪري عام عوام ۾ آگاھي ڏئي سگھجي.
عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ادارن ۽ تنظيمن کي گھرجي ته عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي خاتمي لاءِ گڏ ٿي مختلف ذريعا استعمال ڪري تعليمي ادارن سميت ڳوٺن ۽ شھرن ۾ وڌ کان وڌ آگاھي پروگرام ھلايا وڃن، عورت تي ٿيندڙ تشدد جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن لاءِ سخت کان سخت قانونسازي ڪري کين ڪڙي سزا ڏني وڃي ۽ تشدد جو شڪار ٿيندڙ عورتن جي قانوني توڙي بحالي جي لاءِ قائم ڪيل ادارن تي نظرثاني ڪري بھتر کان بھتر بڻائي ھن معاشري ۾ مظلوم عورت کي آزاد فضا ۾ ساهه کڻڻ ڏنو وڃي.