”ڊيم فنڊ جي رقم 17 ارب 86 ڪروڙ عدالت جي حڪم تي ڪڍرائينداسين“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ سينيٽ جي اجلاس ۾ ناڻي واري نگران وزير شمشاد اختر پنهنجي بيان ۾ چيو ته چيف جسٽس جي ڊيم فنڊ واري رقم اڃا تائين اسٽيٽ بينڪ جي اڪائونٽ ۾ موجود آهي.

هن چيو ته ڊيم فنڊ جي ماليت 11 ارب 46 ڪروڙ هئي، جيڪا منافعي سبب 17 ارب 86 ڪروڙ رپيا ٿي وئي آهي عدالتي حڪم بعد اها رقم اڪائونٽ مان ڪڍرائي ويندي.

ناڻي واري نگران وزير شمشاد اختر جي بيان بعد ايوان ۾ سينيٽرز جو اسٽيٽ بينڪ جي آفيسرن جي پگهارن تي اعتراض ڪيو.

سندن چوڻ هو ته اسٽيٽ بينڪ جي آفيسرز جي پگهار 40 لک رپين تائين آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.