ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سکر ۾ سماجي براين ۾ ملوث ٽن اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي.
ڊي آءِ جي عبدالحميد کوسو وڌيڪ ٽن اهلڪارن کي معطل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
اهلڪارن ۾ سائنسداد چاچڙ، بشير ڇڄڻ ۽ خيرپور جو اهلڪار جمعو عرف جمن ڪابرو شامل آهن.
معطل آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف جوا، آڪڙا پرچي ۽ منشيات جا اڏا هلائڻ جو الزام آهي، سکر رينج ۾ معطل ٿيل اهلڪارن جو انگ جو 29 ٿي ويو آهي جن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.