ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڇاڇرو ويجهو نوجوان ناري جو گهر ويجهو کوهه مان لاش مليو.
ڳوٺ ڇاپر دين شاهه ۾ گهر ويجهو ناري فريدان بجير جو کوهه مان لاش مليو.
ٽنڊو الهيار ويجهو نوجوان جو مبينا ڦاهو لڳل لاش مليو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ڳوٺ ميانداد عالماڻي ۾ باجو ڪولهي جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو.
ميرو خان ۾ هوٽل ويجهو زمين ۾ پوريل نوجوان جو لاش مليو.
فوتي جي سڃاڻپ ميرو خان واسي 32 سالن جي سليم پٽ نور حسين شيخ طور ٿي.
پوليس جو چوڻ هو ته نوجوان جي جسم تي تشدد جا نشان موجود آهن.