جئه پور(م ڊ) انڊين نيشنل ڪانگريس جي سينيئر اڳواڻ راهول گانڌي بي جي پي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو آهي ته نريندر مودي جيب ڪتري جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب راهول گانڌي راجسٿان رياست جي علائقن ڌولپور ۽ ڀرت ۾ چونڊ جلسن کي خطاب دوران نريندر مودي، گهرو وزير اميت شاه ۽ صنعتڪار گوتم اڊاني کي تنقيد جو نشانو بنائيندي جيب ڪترن جو مثال ڏنو. هن چيو ته جيب ڪترو ڪڏهن اڪيلو ناهي ايندو بلڪه ٽي ماڻهو ساڻس گڏ ايندا آهن، هڪ ڌيان مٽائيندو آهي، ٻيو بليڊ سان ڪٽيندو آهي ۽ ٽيون ڌمڪائيندو آهي.