پي آءِ اي کي خانگائڻ پهرين ترجيح آهي:نگران وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسان جي حڪومت نجڪاري تي فوڪس ڪري رهي آهي ۽ پي آءِ اي جي خانگائڻ پهرين ترجيح آهي.
خانگي ٽي وي چينل تي نشر ٿيل پروگرام ۾ ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جو چوڻ هو ته خاص سيڙپڪاري سهولتڪاري ڪائونسل ( ايس آءِ ايف سي) ۾ سول ۽ ملٽري قيادت جا ماڻهو شامل آهن، ايس آءِ ايف سي ذريعي سيڙپڪاري پاليسي جي سڌارا ڪيا پيا وڃن، پاڪستان ۾ ايندڙ هفتي سيڙپڪاري بابت سٺيون خبرون ملنديون.
هن چيو ته اسان نه رڳو خطي پر خطي کان ٻاهر جي سيڙپڪاري به پاڪستان ۾ آڻڻ چاهيون ٿا، پرڏيهي سيڙپڪار زراعت، معدنيات سميت ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪندا.
انوار الحق ڪاڪڙ جو چوڻ هو ته انساني وسيلن جي ترقي ۽ سڌارن تي ڪم جاري آهي، نوجوانن کي هنر سيکارڻ لاءِ مختلف ٽريننگ پروگرامز شروع ڪري رهيا آهيون.
هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم جو چوڻ هو ته خساري ۾ هلندڙ ادارن جي نجڪاري تي غور ڪري رهيا آهيون، اسان نجڪاري تي فوڪس ڪري رهيا آهيوون اسان جي پهرين ترجيح پي آءِ اي کي خانگائڻ آهي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت خرچن ۾ گھٽتائي لاءِ به مختلف لائحه عمل واضح ڪيا ويا آهن جڏهن ته ڪوئيٽا ريلوي ٽريڪ کي به اپ گريد ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.