غزا ۾ 4 ڏينهن جي جنگ بندي جي شروعات ٿي وئي

غزا (ويب ڊيسڪ) غزا ۾ اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ طئي ٿيل معاهدي تحت 4 ڏينهن جي جنگ بندي جي باقاعدا شروعات ٿي وئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب عارضي جنگ بندي جي شروعات مقامي وقت موجب صبح جو 7 وڳي کان ٿي جيڪا ايندڙ 4 ڏينهن يعني اڱاري جي ڏينهن صبح جو 7 وڳي تائين جاري رهندي.
عرب ميڊِيا موجب رفاح ڪراسنگ کان ٻارڻ جا ٻه ۽ گيس جو هڪ ٽينڪر غزا ۾ داخل ٿي ويو آهي جڏهن ته غزا پٽي جي ڏاکڻين علائقن ۾ اسرائيلي فوجي جهازن جي اڏام بند ڪئي وئي آهي جڏهن ته جهازن جي بمباري رڪجڻ کان پوءِ پنهنجن پيارن جي ڳولا لاءِ فلسطيني خاندانن جي واپسي جاري آهي ۽ جنگ بندي شروع ٿيندي ئي ملبي مان زخمين ۽ لاشن کي ڪڍڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب جنگ بندي معاهدي تحت حماس ۽ اسرائيل طرفان يرغمالين کي گروپ جي صورت ۾ آزاد ڪيو ويندو، 13 يرغمالين جو پهريون گروپ پاڪستاني وقت موجب شام جو 7 وڳي آزاد ڪيو ويندو، اسرائيل بدلي ۾ اڄ 39 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪندو، غزا ۾ روز جي بنياد تي امدادي سامان جون 200 ٽرڪون داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي ۽ غزا سٽي ۽ اتر غزا تي روز 6 ڪلاڪن صبح جو 10 وڳي کان شامل 4 وڳي تائين اسرائيلي جهاز اڏام نه ڀريندا.
عرب ميڊيا موجب قطري راڄڌاني دوحا ۾ غزا جنگ بندي مانيٽر ڪرڻ لاءِ آپريشنز روم قائم ڪيو ويو آهي، قطر عارضي جنگ بندي تي عملدارآمد لاءِ اسرائيلي فوج ۽ حماس سان سڌي ريت رابطي ۾ آهي ۽ روز 10 اسرائيلي يرغمالين جي آزادي تي جنگ بندي ۾ وڌيڪ هڪ ڏينهن واڌ جو به امڪان آهي.
اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ طئي ٿيل معاهدي موجب حماس طرفان 50 يرغمالين جي آزادي عيوض اسرائيل 150 عورتون ۽ ٻار آزاد ڪندو.
واضح رهي ته ست آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي بمباري سبب هيل تائين 14 هزار 850 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 7 هزار گم آهن جڏهن ته 36 هزار کان وڌيڪ زخمي آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.