ڪنڌڪوٽ ۾ قومي عوامي تحرڪ طرفان مچ ڪچهري، سنڌ ۾ ميرٽ مري وئي آهي: اڳواڻ

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عرفان علي کوسو) ڪنڌڪوٽ ۾ قومي عيد جون تياريون عروج تي پهتل، روزاني عوامي آواز ۽ عومي آواز  ٽي وي گروپ پاران 3 ڊسمبر ميرٽ جي بحالي، سنڌ جي خوشحالي سري هيٺ ملهائڻ جون تياريون زور وٺي ويون، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مچ ڪچهري ڪري ثقافتي ڏينهن 3 ڊسمبر ڀرپور نموني ملهائڻ جو عزم ڪيو، مچ ڪچهري ۾ مشهور فنڪارن قومي گيت ڳائي ميرٽ جي بحالي-سنڌ جي خوشحالي تي نوان گيت ڳائي مچ ڪچهري ۾ ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو، ڳوٺ مبارڪ سهرياڻي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻي ۾ فدا مهمداڻي، ڪاشف خاصخيلي، ناصر ڪنڊراڻي، شاهه علي سهرياڻي، سجاد بروهي، شعيب ڊومڪي پاران شاندار مچ ڪچهري جو پروگرام منعقد ڪرايو، مچ ڪچهري ۾ سنڌ جي مشهور فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ قومي گيت ڳائي مچ ڪچهري ۾ ويٺلن کي جهومائي وڌو، قومي تحريڪ جي اڳواڻن فدا مهمداڻي، ڪاشف خاصخيلي،ناصر ڪنڊراڻي، شاهه علي سهرياڻي ،سجاد بروهي، شعيب ڊومڪي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته روزاني عوامي آواز ۽ عوامي آواز ٽي وي گروپ عوام جي حقيقي ترجمان آهي ۽ روزاني عوامي آواز ۽ عوامي آواز ٽي وي پاران جيڪو ميرٽ جي بحالي-سنڌ جي خوشحالي سري هيٺ قومي ثقافتي عيد ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي اسان سڀني سنڌ واسين جو هڪ ئي مطالبو آهي ته سنڌ ۾ مري ويل ميرٽ جي بحالي جو مطالبو ڪريون ٿا ۽ جن ڪيترن ئي سالن کان سنڌ کي لوٽيو ڦريو آهي هن 3 ڊسمبر قومي ثقافتي عيد تي عزم ڪريون ته جي اگر ميرٽ جي بحالي ۽ سنڌ جي خوشحالي سنڌي ماڻهن کي کپي ٿي ته هو اهو عزم ڪن ته ايندڙ اليڪشن ۾ سٺن چهرن کي چونڊرائي هميشه لاءِ ميرٽ کي زنده ڪرڻو آ ۽ پنهنجي سنڌ جي قسمت بدلي ان کي خوشحالي طرف وٺي وڃڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.