ڪراچي(رپورٽر) مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف اسرائيل ۽ آمريڪا جي مذمت ڇو نه ڪئي؟ امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان نئين بحث ڇيڙي ڇڏي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته نواز شريف کان پڇو ته هو پاڻ کي بادشاهه ٿو سمجهي، ڇا هن اسرائيل ۽ آمريڪا جي مذمت ڪئي ؟ هن چيو ته غزا ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻارڙا آهن، هن چيو ته ڪراچي ۾ ڪجهه هنڌن تي اڄ به 10 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي،ڪي اليڪٽرڪ جو بجلي لائسنس ختم ڪيو وڃي