ڪراچي(رپورٽر) ڀارتي ايئر لائن انڊيگو ايئر جي جده کان ڀارت ويندڙ اڏام ۾ هڪ عورت مسافر جي طبعيت خراب ٿيڻ تي جهاز کي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي تي ميڊيڪل لينڊنگ جي اجازت ڏني وئي. پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق جهاز صبح جو چار لڳي 15 منٽن تي ڪراچي ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيو. جهاز ۾ سوار ڀارتي مسافر عورت جوهره بي جو طبي معائنو ڪيو ويو جنهن تي پتو پيو ته هوءَ فوت ٿي چڪي آهي. جهاز عورت جي ميت کي کڻي 6 لڳي 15 منٽن تي ڀارت ۾ پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿي ويو.