عمير باجاري ۽ عمران قريشي خلاف رٽائرڊ فوجي افسر سميت ٽن شهرين جي اغوا جي جاچ شروع

ڪراچي (رپورٽر) واپاري جي گهر مان ڌاڙي ۾ گرفتار انڊر ٽريننگ ڊي ايس پي عمير باجاري ۽ هٽايل ايس ايس پي سائٿ عمران قريشي جي گلشن اقبال ۽ سهراب ڳوٺ ۾ ڪارروائي جو آءِ جي سنڌ نوٽيس ورتو، ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا کي جاچ آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو. ڊي آءِ جي ڏکڻ آفيس ۾ پهرين داخل درخواست تي ڪارروائي شروع ڪئي وئي. ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا جو چوڻ آهي ته منصور شيخ کي بيان لاءِ گهرايو ويو آهي، ٻين کان به پڇا ڳاڇا شروع ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ وڌيڪ خبر پئي آهي ته شڪايت ڪندڙ محمد منصور شيخ آءِ جي کي پنهنجي درخواست ۾ چيو آهي ته هو هڪ رٽائرڊ فوجي آفيسر آهي، پوليس جي وردي ۾ ملبوس تقريبن 15 کان 16 ماڻهن تازو گلشن اقبال ۾ هن جي رهائشگاهه تي ڇاپو هنيو ۽ هن کي ۽ خاندان جي ٻين ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو،  هن چيو ته بوٽ بيسن پوليس وٽ نيو ويو، جتي پوليس اسان کان آزادي جي لاءِ 50 لک رپيا ڀتو جي مطالبو ڪيو ۽ رقم نه ملڻ جي صورت ۾ سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، منصور شيخ چيو ته ان دوران منهنجي پٽ احمد رضا شيخ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪئي مون کي آزاد ڪيو ويو،  الزام هنيو ويو ته هي سڀ ايس ايس پي سائٿ عمران قريشي جي اڪسائڻ ۽ ان جي هدايت تي ڪيو ويو، اسان ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث نه هئاسين.

ڊي ايس پي عمير طارق باجاري عادي ڏوهاري آهي: رپورٽ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ڪراچي پوليس ڌاڙو جيڪو ڌاڙو هنيو ويو  ان مان 80 لک اڃان تائين واپس نه ڪيا ويا آهن ،  جاچ رپورٽ سامهون آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه وقت اڳ ۾ عمير طارق باجاري ڪميشن ڪري ڊي ايس پي ٿيو هو، هن جي سربراهي ۾ پوليس ۽ خانگي ماڻهن اورنگي ۾ هڪ واپاري جي گهر ۾ گهڙي 2 ڪروڙ رپين جو ڌاڙو هنيو، ڳالهه مٿي وڃڻ تي اڌ پئسا ۽ سون واپس ٿيو، 80 لک اڃا تائين گم آهن، جاچ رپورٽ ۾ ڊي ايس پي عمير طارق باجاري ڏوهي ثابت ٿي ويو، جاچ رپورٽ موجب هو عادي ڏوهاري آهي، اهڙيون ڦرون ڪندو رهيو آهي ھن وقت تائين اسٽيبلشمينٽ ۽ آءِ جي سنڌ طرفان ان نوڪري مان اڃان تائين برطرف نه ڪيو ويو آهي، گڏيل جاچ ڪميٽي پوليس اهلڪارن خرم ۽ فيضان جي گهرن تي به ڇاپو هنيو پر ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي، ٻئي پوليس اهلڪار ڊي ايس پي جي زير تربيت آهن، سمورن ڪردارن جا تفصيلي بيان رڪارڊ ڪيا ويندا جن ۾ پوليس موبائيل ۽ استعمال ٿيل گاڏيون ۽ موٽرسائيڪلون به شامل آهن.

ڌاڙي ۾ ملوث ڊي ايس پي کي سخت سزا ڏياري ويندي: حارث نواز

ڪراچي(رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو) سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو آهي ته اورنگي ٽائون واقعي ۾ ملوث ڊي ايس پي  کي سخت سزا ڏياري ويندي، انڊر ٽريننگ ڊي ايس پي کي اهڙي قسم جو ٽاسڪ نه ملڻ گهرجي ها، ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حارث نواز چيو ته انڊر ٽريننگ ڊي ايس پي کي اهڙي قسم جو ٽاسڪ نه ڏيڻ گهرجي ها، هنن واقعي تي فوري ڪارروائي ڪئي، ڊي ايس پي کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ کيس سخت سزا ڏياري ويندي، ايس ايس پي جي غلطي آهي، آءِ جي سنڌ کيس معطل ڪري ڇڏيو آهي، ايس ايس پي خلاف به ضروري ڪارروائي ٿيندي، هڪ سوال جو جواب ڏيندي حارث نواز چيو ته پوليس جي قيادت سٺي آهي ۽ هو مطمئن آهي، نگران حڪومت اچڻ بعد ڪچي جي علائقن ۾ ڏوهه ناهن ٿيا.

آءِ جي سنڌ سان سيلفيون وٺندڙن کان نه ڊڄو: پوليس آفيسرن کي ليٽر جاري

ڪراچي(م ڊ) پوليس آفيسر آءِ جي سنڌ سان گڏ سيلفيون ڏيکاريندڙن کان قطعي طور نه متاثر ٿين، انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) پوليس  سنڌ يا ٻين اعليٰ آفيسرن يا پوليس آفيسرن سان ڪوڙا لاڳاپا رکندڙن خلاف سرڪيولر جاري ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان اهڙو نوٽيفڪيشن اي آءِ جي آپريشن سنڌ شيراز نذير طرفان جاري ڪيو ويو آهي.صوبي جي سمورن ايڊيشنل آءِ جيز، سمورن ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز کي مخاطب ٿيندي ٻڌايو ويو ته ڪجهه ماڻهو پوليس آفيسرن، آءِ جي سنڌ يا ٻين اعليٰ آفيسرن کان غير مشروط سهڪار حاصل ڪرڻ لاءِ پوليس آفيسن يا ٿاڻن جا دورا ڪري سندن هڪ ٻئي سان تعلق ٻڌائيندي نظر اچن ٿا.

ڪراچي ۾ شارٽ ٽرم اغوا ۾ ملوث اڳوڻي اهلڪار سميت 2 جوابدار گرفتار

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ ڪارروائي دوران شارٽ ٽرم اغوا ۾ ملوث اڳوڻي پوليس اهلڪار سميت 2  جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.سينيئر سپرنٽينڊنٽ آف پوليس (ايس ايس پي) ​​ويسٽ جو چوڻ آهي ته جوابدار شارٽ ٽرم اغوا ۾ ملوث آهن.ايس ايس پي اولهه جو چوڻ آهي ته شهري جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

بااثر سمجهيو ويندڙ ايس ايڇ او زوار حسين ڪرپشن الزام ۾ معطل

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ طاقتور۽  با اثر سمجهيو ويندڙ ايس ايڇ او زوار حسين کي آءِ جي سنڌ راجا رفعت مختار معطل ڪري بليڪ ڪمپني پوليس هيڊ ڪوارٽر گارڊن روانو ڪري ڇڏيو ايس ايڇ او زوار حسين هن وقت سائيٽ سپر هاءِ وي ٿاڻي تي مقرر ٿيل هو ايس ايڇ او زوار حسين ڪراچي جو سڀ کان بااثر ايس ايڇ او تصور ڪيو ويندو هو جيڪو ڪياماڙي ضلعي جي سائيٽ بي ٿاڻي تي 8 سالن کان مقرر ٿيو هو نگران حڪومت کانپوءِ کيس بدلي ڪري سائيٽ سپر هاءِ وي ٿاڻي تي مقرر ڪيو ويو هو جنهن کي ڪرپشن جي الزام ۾ آءِ جي سنڌ راجا رفعت مختار پاران معطل ڪيو ويو

اورنگي ۾ پوليس اهلڪارن جي ڌاڙي بابت جاچ جاري آهي:خادم رند

ڪراچي (رپورٽر) ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند چيو آهي ته اورنگي ٽائون ۾ پوليس اهلڪارن جي طرفان ڌاڙي جي مبينا واقعي بابت  جاچ جاري آهي، نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جو چوڻ هو ته جاچ مان خبر پوندي ته ڪير ملوث آهي، پوليس آفيسرن ايئن ڪيو آهي ته مناسب ڳالهه ناهي، جيڪڏهن ڪو واقعي  ۾ ملوث ناهي ته سزا نه ملڻ گهرجي، ياد رهي ته ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ واپاري شاڪر خان جي گهر تي پوليس طرفان ڇاپي دوران اڍائي ڪروڙن کان وڌيڪ جو ڌاڙو، ان جي اغوا ۾ ملوث ڪراچي سائوٿ پوليس جي تربيت هيٺ ڊي ايس پي جي ملوث هجڻ جا ثبوت سامهون آيا هئا.

عمير باجاري پروٽوڪول ۾ عدالت پيش، جسماني رمانڊ ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ

ڪراچي (رپورٽر) جڊيشل مئجسٽريٽ اولهه جي عدالت ۾ اورنگي ٽائون ۾واپاري جي گهر ۾ ڦرلٽ ڪندڙن ڊي ايس پي عمير طارق بجاري  جو رمانڊ پورو ٿيڻ کانپوءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت جسماني رمانڊ ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ان کي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو، عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، هيومن رائيس ڪميشن پاران وڪيل پنهنجو وڪالت نامو جمع ڪرايو، هيومن رائيس جي وڪيل چيو ته عمير طارق باجاري جي خلاف سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به ڪيس داخل آهن، هي ڪيس اغوا ڪري ڀنگ وٺڻ جو آهي هي ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلائڻ گهرجي، ڊي ايس پي عمير طارق باجاري کي سخت سيڪيورٽي ۾ آندو ويو، سائيلن ۽ صحافين کي عدالت جي اندر اچڻ جي اجازت نه هئي، جوابدارجو چاچو سليم باجاري به عدالت ۾ موجود هو.

ايس ايڇ او ڊفينس عمير باجاري خلاف جاچ جو حصو بڻجڻ کان انڪاري

ڪراچي (ڪرائيم رپورٽر) ايس ايڇ او ڊفينس شوڪت اعواڻ چوري ڪيس ۾ ڊي ايس پي عمير طارق خلاف جاچ جو حصو بڻجڻ لاءِ پيش نه ٿيو، جنهن تي کيس اڄ ٻيهر بيان لاءِ طلب ڪيو ويو آهي . تفصيل موجب ايس ايڇ او ڊفينس ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ گهر مان ڦر جي ڪيس ۾ ڊي ايس پي عمير طارق خلاف جاچ جو حصو نه بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي . ذريعن جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او ڊفينس شوڪت اعواڻ کي ڪالهه به طلب ڪيو ويو ھو جنھن کي پيش نه ٿيڻ تي اڄ ٻيهر بيان لاءِ طلب ڪيو ويو آهي، ايس ايڇ او ڊفينس ۽ بوٽ بيسن اڳوڻي ايس ايس پي عمران قريشي جي ويجهو آهن، ذريعن مان مليل ڄاڻ موجب شوڪت اعواڻ پاران ڦر ڪيل 1 ڪروڙ 3 لک 50 هزار رپيا به واپس ڪيا ويا. ايس ايڇ او بوٽ بيسن رياض نيازي تي گلشن ۽ سهراب ڳوٺ ۾ ڇاپن جو الزام آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.