اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مونس الاهي کي واپس آڻڻ لاءِ قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.وفاقي حڪومت جي ذريعن موجب نگران وفاقي حڪومت مونس الاهي کي واپس آڻڻ لاءِ انٽرپول سان رابطو ڪري ورتو آهي ۽ ان حوالي سان ايف آءِ اي انٽرپول عملدارن سان به رابطو ڪيو آهي.وفاقي حڪومتي ذريعن موجب مونس الاهي خلاف سمورن ڪيسن جا تفصيل انٽرپول اختيارين سان شيئر ڪيا ويا آهن ۽ سندس گرفتاري لاءِ ريڊ نوٽيس جاري ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي.