صحافي جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سي ايم هائوس تائين مارچ، ڌرڻو

ڪراچي(رپورٽ: ذوالفقار راڄپر). سنڌ سميت سموري ملڪ جي هزارين صحافين، وڪيلن ۽ ليکڪن مطالبو ڪيو آهي ته  ٽي مهينا اڳ سکر شهر ۾ قتل ٿيل صحافي جان محمد مهرجي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي، اخبارن  ۽ ٽي وي چينل، اينڪرن، صحافين مٿان اڻ اعلانيل سينسرشپ ختم ڪري صحافين کي گم ڪرڻ، کين خود ساخته جلاوطني اختيار ڪرڻ، تشدد ڪرڻ ۽ سندن قتل ڪرڻ واري آمراڻي پاليسي ختم ڪري ارشد شريف، عزيز ميمڻ، شان ڏهر جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ سميت عمران رياض تي بدترين تشدد ڪندڙ ادارن کي وائکو ڪري ملڪ ۾ لڳل اڻ اعلانيل مارشلا ختم ڪري آزاد صحافت، جمهوري آواز مٿان لڳل سينسرشپ ختم ڪئي وڃي. اها ڳالهه سومر ڏينهن تي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ (پي ايف يو جي ) جي مرڪزي سڏ تي سموري سنڌ مان وڏي تعداد ۾ آيل صحافين، صحافي، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن وزيراعلي هائوس ويندڙ رستي پي آئي ڊي هائوس چوراهي تي لڳل ڌرڻي کي خطاب ڪندي چئي. ان کان اڳ ڪراچي پريس ڪلب کان وزير اعلي هائوس تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي رينجرز هيڊڪوارٽر وٽ رستا روڪ ڪرڻ لاءِ گاڏيون بيهاريون ويون، جنهن کي صحافين ٽوڙي وزير اعلي هائوس وڃڻ لاءِ لڳا ته پوليس ۽ انتظاميا طرفان وزير اعلي هائوس وڃڻ واري رستي تي ڪنٽينر بيهاري رستا روڪ ڪئي وئي، جتي پي ايف يو جي طرفان ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي پي ايف يو جي، جي مرڪزي صدر افضل بٽ تقرير ڪندي چيو ته اها ملڪ جي بدنصيبي آهي جو اسان جمهوري، پريس ۽ انساني حقن جي صورتحال ۾ فوجي آمرضياء الحق جي 1977 واري دور ۾ واپس پهچي ويا آهيون، پاڪستان پريس جي آزادي ۽ انساني حقن جي بدترين صورتحال ڪري دنيا جي خطرناڪ ملڪن ۾ شامل ٿي ويو آهي، جتي صحافين، سياسي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي جي ڪارڪنن کي رياستي ادارا کنڀي گم ڪري انهن مٿان بي پناهه تشدد ڪري کين قتل پيا ڪن. هن چيو ته اسان صحافي ساٿين جا لاش ڪلهن تي کڻي ٿڪجي پيا آهيون ۽ پي ايف يو جي طرفان شروع ڪيل جدوجهد اهو ثابت ڪندي ته جان محمد مهر جو قتل آخري قتل آهي، جيڪڏهن شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته پي ايف يو جي مسلسل جدوجهد جو دائرو وسيع ڪندي، جنهن ۾ انهن سياسي پارٽين کي به شامل ڪيو ويندو، جيڪي هن وقت حڪومتي عذاب جو شڪار آهن . هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ۽ ٻيا رياستي ادارا جان محمد مهر جي قاتلن کي شڪارپور شهر کان 4,5 ڪلوميٽرن تي ويٺل قاتل کي ڄاڻي واڻي گرفتار نه ڪري صحافين کي اهو پيغام ڏئي رهيا آهن ته صوبي ۽ ملڪ ۾ زبان، قلم ۽ ڪيميرا کي ڪچلي جمهوريت، پريس جي آزادي ۽ انساني حقن جي تحريڪ کي اسرڻ نه ڏنو ويندو. پي ايف يو جي، سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سيڪريٽري مظهر عباس چيو ته افسوس ته خود بدترين دهشتگردي جو شڪار ٿيل سنڌ جي نگران وڏي وزير جو رويو به قتل ٿيل صحافي جي قاتلن جي گرفتاري ۾ عام روايتي سياسي وزيرن وارو رهيو آهي ۽ جيتري قوت صحافين جي ريلي کي روڪڻ تي لڳائي وئي آهي، ان جي اڌ برابر به جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ لڳائي وڃي ها ته نتيجو ڪو ٻيو نڪري ها، ٽي وي نيوز چينلن ۽ اينڪرن تي پابندي لاڳو ٿيل آهي ته هڪ سياسي تنظيم ۽ ان جي اڳواڻ جو نالو کڻڻ تي پابندي آهي ، ملڪ ۾ 25 هزار صحافين جي آواز کي دٻائي نه ٿو سگهجي،، پي اي ايف يو جي، جي مرڪزي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ چيو ته ملڪ ۾ 148 صحافي  قتل ٿيا آهن. صحافين جي تعداد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جان جان محمد مهر جو قاتل سکر شهر کان 06 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ويٺو آهي ۽ اهو علائقو تورا بورا جبل ۽ افغانستان نه آهي. خورشيد عباسي چيو ته پي ايف يو جي، جي آزاد صحافت ۽ صحافين تي تشدد ۽ قتلن خلاف پنهنجي جدوجهد جاري رکندي، ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي چيو ته جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ پريس مٿان لاڳو پابنديون ملڪ کي تباهي طرف وٺي وڃي رهيون آهن، پي ايف يو جي،  جي مرڪزي سيڪريٽري ارشد انصاري چيو ته جيڪڏهن جان محمد مهر ۽ قتل ٿيل ٻين صحافين جي قاتلن کي گرفتار نه ڪري ۽ پريس مٿان لاڳو سينسرشپ ختم نه ڪئي وئي ته اسان سينيٽ، قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جي اڳيان ڌرڻو هڻي ويهي رهنداسين. ڌرڻي کي جاويد چوڌري، سردار لياقت علي، خالد کوکر، لالا رحمان سمون، سي پي اين اي اڳواڻ عامر محمود، مزدور اڳواڻ لياقت ساهي، حافظ طارق، ڪراچي بار جي اڳواڻ نعيم قريشي، سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر غلام رسول سوهو ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن آزاد صحافت جي جدوجهد ۾ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ريلي ۾ گلڻ ڀنڊ، وينس منگي، مرتضي ڪلهوڙو، مشتاق سرڪي سميت صحافين ۽ سول سوسائٽي جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. جان محمد مهر جي قاتل جي گرفتاري، سينسرشپ جي خاتمي ۽ آزاد صحافت لاءِ نعريبازي ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.