غزا جي ٻارن سان ايڪتا لاءِ اسلام آباد ۾ 23 نومبر تي مارچ ٿيندو: سراج الحق

لاهور(م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو  آهي ته  غزا جي ٻارن سان يڪجهتيءَ لاءِ اسلام آباد ۾ 23 نومبر تي ٻارن جو مارچ ٿيندو. لاهور ۾ غزا مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن جو ٿورائتو آهيان. هن ڪالهه منصوره ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي ۽ اسلام آباد وانگر لاهور به ثابت ڪيو آهي ته انهن جون دليون غزه سان گڏ ڌڙڪن ٿيون،هن چيو ته غزا ۾ ٻار شهيد ٿي رهيا آهن، ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهي آهي، ڇا انهن کي فلسطين ۽ غزه جا ٻار نظر نه اچي رهيا آهن، هزارين ٻارن کي غزه ۾ شهيد ڪيو ويو آهي، 3700 ڄڻا گم آهن، جن مان اڪثر عورتون ۽ ٻار شامل آهن. سراج الحق چيو ته گذريل 6 سالن ۾ جماعت اسلامي مهانگائي ۽ ڪرپشن خلاف مهم هلائي رهي آهي، اسان جي تحريڪ ڪنهن شخص خلاف نه پر ڪرپشن ۽ بيروزگاريءَ خلاف آهي جيڪا جاري رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.